پيپلزپارٽي لاءِ ڪراچي،اين ايف سي ۽ مڪاني نظام ڳاڙهي لڪير آهن؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناليواري تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته ڪابينا اندر ڪيترا ماڻهو باصلاحيت آهن جيڪي وزارتون هلائي رهيا آهن. چونڊيل ماڻهن کي ڪابينا ۾ نه آندو ويو،ان جو مطلب آهي ته حڪمراني   متاثر ٿي آهي، هن چيو ته هاڻي دٻاءُ ايندو، توهان ڏسندا ته باصلاحيت ماڻهن کي حڪومت ۽ ڪابينا جي اندر آندو ويندو، آهستي آهستي توهان ڏسندا ته اهو ٿيندو.هن چيو ته  قومي حڪومت بڻجڻ جو ڪو امڪان ناهي، پيپلز پارٽي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو ڪراچيءَ جو آهي، سڀ کان وڏو مسئلو نيشنل فنانس ڪميشن   ايوارڊ جو آهي، سڀ کان وڏومسئلو مقامي حڪومتن  جو آهي. هن چيو ته ڪراچي هڪ زماني ۾ اوڀر جو موتي (Jewel of the East) هو، هاڻي هي سڀ کان خراب شهر قرار ڏنو ويو آهي، بدقسمتيءَ سان هي اهو شهر ناهي رهيو جنهن ۾ امير ۽ غريب، سهي نموني رهي سگهي. هن چيو ته ان ڪري ئي تجويز آهي ته ڪراچيءَ کي  مرڪزي انتظامي علائقو  بڻايو وڃي. ماڻهو چون ٿا ته هندستان جڏهن آزاد ٿيو هو ته اتي 9 رياستون هيون، هاڻي 28 ٿي ويون آهن، ان ۾ ڪهڙي خراب ڳالهه آهي؟ هن چيو ته مشرف جي زماني ۾ مقامي حڪومتون هيون ته اسان ڄاڻندا هئاسين ته اسان جو چونڊيل نمائندو ڪير آهي. گهر گهر  مهم هلندي هئي،چونڊيل مڪاني نمائندا جوابده هوندا هئا، هو ڪم ڪندا هئا ڇو جو انهن کي خبر هوندي هئي ته ووٽ وٺڻا آهن،هن چيو ته ان ئي سبب دنيا ۾ مقامي حڪومت ئي حقيقي حڪومت هوندي آهي. تڏهن پاليسي، ڪرنسي ۽ اهڙيون شيون وفاقي حڪومت وٽ هونديون آهن، باقي نيشنل بجيٽ ۽ سيڪيورٽي سڀ ڪجهه هيٺين سطح تي منتقل   ٿي ويندو آهي. هتي 18هين ترميم کان پوءِ به گهڻو ڪجهه منتقل ته ٿي ويو پر اڃا تائين ڪيتريون ئي وزارتون وفاق ۾ آهن،هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ صاف ۽ آزاد اليڪشن ٿيڻ گهرجي،بلاول جا بيان باھ کي وڌيڪ هوا ڏيڻ برابر آهي. اسٽيبلشمينٽ جنهن موڊ ۾ آهي، اهي ان کي معاف نه ڪندي. ۽ آصف زرداري وڃي چوندو ته "جي مان ڇا ڪيان، ٻار آهي، جذباتي ٿي ويو.” ياد رهي زرداري به هڪ وقت جذباتي ٿي ويو هو، نواز شريف به جذباتي ٿي ويو هو، اڳتي هلي 28هين ترميم تي ڳالهيون ٿيڻيون آهن. ۽ هيءَ جيڪا سڄي گيم محسن نقوي ڪري رهيو آهي، طاقتور هارڊ بال کيڏي رهيا آهن. هي ڳالهين جو حصو آهي؛ آزاد ڪشمير ۾ پ پ کي خبر ناهي، ان ۾ مسلم ليگ جي ته گيم آهي ئي نه، گيم ته ڪو ٻيو کيڏي رهيو آهي. هن چيو ته بهتر  حڪمرانيءَ جي ڳالهه، ڪڏهن کان ٿي رهي آهي؟ هر ڀيري  جڏهن حڪومت گهر رواني ٿيڻ  لڳندي آهي ته ان کان پهرين ٿيندي آهي. هن چيو ته  جڏهن 1993ع ۾ معين قريشي کي امپورٽ ڪري نگران وزيراعظم بڻايو ويو تڏهن کان گڊ گورننس جو لفظ سياسي ڊڪشنري ۾ داخل ٿيو، انهن معين قريشي ئي چيو هو ته  "گڊ گورننس کان سواءِ ملڪ هلي نٿو سگهي.” اهو ڏينهن آهي ۽ اڄ جو ڏينهن آهي، اڃا تائين گڊ گورننس ناهي آئي، ۽ احتساب به ان طريقي سان ناهي ٿيو.هن چيو ته هاڻي ڏسڻو هيءُ آهي ته محسن نقوي جي بيان کانپوءِ  سياسي پارٽيون ڪهڙو رستو وٺن ٿيون؟

You might also like