لاهور( عمران شفقت )ملڪي صورتحال تمام گنڀير ٿي چڪي آهي، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ڪالهه بلاول ڀٽو زرداري ۽ محسن نقوي جو نالو وٺڻ کان سواءِ ٻنهي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، هن چيو ته صدر زرداري جا ٻه برخوردار(پٽ) آهن، هڪ سسٽم تي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ٻئي فارم 47 جي ڳالهه ڪئي آهي.راڻا ثناءُالله واضح نموني چيو ته هيءُ جيڪو سسٽم بيهجي ويو آهي.” انهن جو چوڻ جو مطلب هو ته هي سسٽم واقعي بيٺل آهي جو جيڪو سفر 30 سالن ۾ ڪنهن طئي ڪرڻو هوندو آهي، اهو زرداري جو هڪ برخوردار 3 يا ساڍا 3 سالن ۾ طئي ڪري اچي ويو! هن جي چوڻ جو مطلب هو ته توهان(محسن نقوي) ته صحافي هئا يا ميڊيا هائوس هلائي رهيا هئا، پوءِ توهان نگران وزيراعليٰ ٿيا، پوءِ ان کان پوءِ ڪرڪيٽ بورڊ جا چيئرمين به ٿي ويا!هن اهو به چيو ته وزيراعظم ڪم ڪيو ته پاڪستان ڊيفالٽ کان بچيو، وزيراعظم ڪم ڪيو ته پاڪستان جي بين الاقوامي وقار ۾ واڌارو ٿيو. ته هي ڪريڊٽ پاڪستان جي وزيراعظم جي قيادت وارين صلاحيتن جو آهي.راڻا ثناءَ الله ان ۾ فيلڊ مارشل کي بلڪل سائيڊ تي ڪري ڇڏيو پاڪستان جي سياستدانن کي ملڪي معاملن جي نزاڪت جو اندازو هجڻ گهرجي.پاڪستان جي سياسي سسٽم ۾، سياستدانن ۾، وزيراعظم ۾ ايتري همت آهي ته چئي سگهن ته سسٽم ٺيڪ ڪم نه پيو ڪري يا سسٽم بيهجي ويو آهي، ته پوءِ توهان ان سسٽم ۾ ڇا ڪري رهيا آهيو حضور؟” هي ته کين چوڻ جي به ضرورت ناهي سر، چٺي لکي فارغ ڪريو انهن کي ،سياسي پختگي اها پاڻهي ناهي ايندي،جمهوريت جي تسلسل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي، ايتري همت ۽ جرئت موجوده وزيراعظم ۾ ته ناهي. نواز شريف ۾ ڪنهن دور ۾ هو، هن وقت هو خاموش ويٺل آهي. جڏهن ته ڪالهه ڊي جي آءِ ايس پي آر چئي رهيو هو ته "سياستدان رستو ڪڍي وٺندا آهن”، گورننس لاءِ رستو ڪڍڻو پوندو،اطلاع آهن ته نوازشريف جي نانءُ شهباز شريف کي ڪو سخت پيغام ڏئي موڪليو ويو ڇو جو سڀني کي خبر آهي ته هاڻي هن سسٽم ۾ اگر ڳالهائيندو ته زرداري ڳالهائيندو، ان جو وزن هوندو ٻئي پاسي بلاول ڀٽو اڄڪلهه جذباتي ٿيل آهي هن ئي ڪشمير ۾ چيو هو ته حڪومت وڃي ٿي ته وڃي! ڇا ٿيندو؟ ڪا ڳالهه ناهي، جيل موڪلڻو آهي ته موڪليو، بسم الله! 18هين ترميم جي اڳيان سينو تاڻي بيهنداسين. محسن نقوي جيڪي ارشاد فرمايا آهن، هي بنيادي طور تي 18هين ترميم ئي مسئلو آهي. اک جو ڪنڊو 18هين ترميم آهي. ٻئي پاسي ڪالهه رات جو وزيراعظم کي قوم سان خطاب شيڊول هو، پي ٽي وي وارا ڪئميرا وغيره وٺي تيار هئا لاهور ۾ رڪارڊنگ ٿيڻي هئي. پوءِ خبر پئي آهي ته اهو خطاب ملتوي ٿي ويو، ٿي سگهي ٿو نوازشريف جي مشوري سان خطاب ملتوي ٿي ويو هجي،اطلاع آهن ته سسٽم جي تبديليءَ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. پاڪستان جا طاقتور ترين ماڻهو هي فيصلو ڪري چڪا آهن. محسن نقوي جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي فليڊ مارشل جا خيال آهن جڏهن ته نواز شريف في الحال تقرير رڪارڊ ناهي ڪرائي.