حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف لڳل احتجاجي تحريڪ جي نائين ڏينھن تي سخت گرميءَ ۽ گُھٽ کان پوءِ مٽي جي تيز طوفان ۽ ان کان پوءِ وسندڙ مينھن ۾ به نوجوان مضبوط حوصلن سان تحريڪ جاري رکندي ڪيمپ تي موجود رھيا، ڪالهه وڪيلن، سول سوسائٽيءَ ، اديبن ، دانشورن وفدن سميت شرڪت ڪري نوجوانن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آفيس اڳيان سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ڪئمپ تي پھچي ساڻن ٻڌي جو اظھار ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جي منڊي بڻائي وئي آھي، ڪروڙين روپين ۾ اعليٰ انتظامي عھدا وڪرو ٿين ٿا، سنڌ حڪومت نوجوانن جي اميدن کي قتل ڪيو آھي، احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي ثابت قدم رھڻو پوندو، سنڌ جي ٻين ضلعن جي نوجوانن کي به ميرٽ جي قتل خلاف جڙڻو پوندو، سنڌ ۾ سي ايس ايس پاس ڪندڙ درجنين ايس ايس پي ۽ ڊي سيز آھن، جيڪي اھل اقتدار جي گاڏين پويان ڊوڙن پيا، سنڌ ۾ 15/20 سالن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نوجوانن جي خوابن کي ڪچليندڙ ۽ نپوڙيندڙ ادارو بڻجي ويو آھي، سنڌ ۾ لڳندڙ ڌرڻا سوديبازي ڪيو ختم ٿيو وڃن. گھارو وياسين ناظم جوکئي لاءِ ته پئسا وٺي سودو ڪيو ويو، دودو ڀيل لاءِ وياسين، واپس آياسين ته پويان سودو ڪيو ويو، نمرتا جي وارثن چيو ته اسان جو فيصلو ڀڳوان ڪندو، ماڙي جلباڻي ۽ ٻين واقعن تي وڃون ٿا ته ھاءِ پروفائيل ٿيڻ کانپوءِ سودا ٿيو وڃن، پبلڪ سروس ڪميشن آڏو شاگرد ڄمي بيٺا آھن، ڪئنالن خلاف رمضان ۾ سڄي سنڌ ۾ ھلياسين پئي ته سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ڪوڙا اعلان ڪري جدوجھد کي ڌڪ ھنيو ويو، ھاڻ نيو جلالپور ڪئنال وھي پيو،آئون بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، سنڌ حڪومت کي چوندس ته ھنن نوجوانن کي نظرانداز نه ڪيو، ائين نه ٿئي تاريخ توھان کي نوجوانن کي ڪچليندڙ طور ياد ڪري، شھباز شريف، آصف زرداري، محسن نقوي ۽ خواجه آصف پاڻ ۾ ويھي فيصلو ڪن ته آھي ڪامياب آھن يا ناڪام آھن. توھان تباھي جا ذميوار آھيو ۽ جيڪي توھان کي وٺي آيا آھن، اھي ذميوار آھن، توھان نئين اليڪشن ڪرايو. گھر وڃو، محسن نقوي جھڙن ماڻھن کي حڪومت ۾ آڻڻ سان ملڪ نه ھلندو، عالمي سامراجي طاقتون ھنن جي ڊڪٽيشن ڏئي رھيون آھن. ھن وقت ملڪ کي برابري جي ضرورت آھي، بلوچستان ۽ ڪشمير ۾ باھ لڳي پئي آھي ته وري سنڌ ۾ باھ لڳائڻ چاھيو ٿا، ملڪ ۾ ڪير باھ ٻارڻ چاھي ٿو، را ۽ عالمي سامراجي طاقتون ملڪ ۾ باھ ٻارڻ چاھين ٿيون ۽ توھان انھن جي ھدايت تي ھلي رھيا آھيو. جاچ ڪيو ته محسن نقوي ڪنھن ڪنھن سان مليو ۽ انھن جون ھدايتون ورتيون آھن، نوجوانن جي بک ھڙتالي ڪيمپ تي پي ٽي آءِ جي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ ميرٽ جي سخت لتاڙ ٿي رھي ۽ نوڪريون ۽ نتيجا پئسن ۽ حڪومت ۾ ويٺل اقتدار ڌڻين جي چوڻ تي ڏنا پيا وڃن ھن چيو ته نوجوان رڳو پنھنجا جائز حق ۽ ميرٽ چاھين ٿا، اسان هنن سان گڏ آهيون، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف موومينٽ فار دي ريسٽوريشن آف ميرٽو ڪريسي ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان سنڌي شاگرد تحريڪ جي وفد ملاقات ڪري کين جدوجھد ۾ ساٿ جي خاطري ڪرائي، ٻئي طرف نمل يونيورسٽي جي سنڌي شاگرد سنگت جي چيئرمين عذير قادر جمالي حيدرآباد پھچي نوجوانن کي جدوجھد ۾ سھڪار جي خاطري ڪراکئي، ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن زبيع الله، فخرالزمان کوھارو، سڪي لڌو چانڊيو، حنيف جوکيو، ڊاڪٽر طارق سھتو ، فرمان علي ملغاڻي چيو آھي ته ھي تحريڪ ھاڻ سڄي سنڌ ۾ پنھنجا بنياد پختا ڪري رھي آھي موسم خراب ھجي يا سٺي اسين پنھنجن مطالبن جي مڃتا ھر وک اڳتي کڻنداسين.