سنڌ جو ھي پھريون سوشلسٽ باغي ھُيو، جنھن سنڌي قوم جي غريب ۽ پيڙھيل طبقن لاءِ حق جو آواز بُلند ڪيو ۽ پنھنجي ھزارين ايڪڙ زمين غريب ھارين ۾ ورھائي ڇڏي ۽ چيائين ته زمين الله جي آھي، جيڪو ان کي کيڙيندو اهو ئي اُن جو مالڪ ٿيندو ۽ ھي نعرو ڏنائين ته، ’جو کيڙي سو کائي‘، ان نعري ھيٺ ھزارن جي تعداد ۾ غريب ۽ پيڙھيل ھارين ان وقت جي زميندارن، وڏيرن، ۽ پيرن سان گڏ ڪلھوڙن جي زمينن کي ڇڏي شاھ عنايت وٽ اچي زمين کيڙي سوشلسٽ انقلاب جو عملي روپ ورتو، ۽ شاهه عنايت جي ٻاريل انقلابي چڻنگ، انقلابي ۽ مزاحمتي ھاري تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي. ان انقلابي ھاري تحريڪ جي سڀ کان پھرين تڪليف اتان جي مقامي زميندارن نور محمد پليجي، حمل جت ۽ عبدالواسع شاھ کي ٿي، جن شاھ عنايت تي حملو ڪرايو، جنھن حملي ۾ شاھ عنايت مٿان انقلابي ھارين پنھنجيون زندگيون قربان ڪيون.
تاريخ ۾ آيو آھي ته اُھا ويڙھ مغل فوج، ڪلھوڙا فوج ۽ مقامي زميندارن ملي ڪري شاھ عنايت ۽ ان جي ساٿين سان ميرانپور جھوڪ ۾ وڙھي، جيڪا ويڙھ ساندھ ٽي مھينا ھلي، جنھن ۾ ھڪ اندازي موجب 6 ھزار صوفي شاھ عنايت جا ساٿي شھيد ٿيا پر پوءِ به اُھي شاھ عنايت کي شڪست نه ڏئي سگھيا، جنھن کان پوءِ انھن دغا سان، ميان يار محمد جو پُٽ محمد خان ڪلهوڙو، مير شهداد ٽالپر، ۽ ٻيا اڇا جھنڊا ۽ قرآن شريف ھٿن ۾ کڻي ٺاھ ڪرڻ لاءِ شاھ عنايت وٽ آيا، جنھن تي شاھ عنايت قرآن مجيد کي مان ڏيندي جنگ بندي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو، جڏھن ته شاھ عنايت ۽ ان جا ساٿي اھو سمجھن پيا ته ان جي پُٺيان ڪا نه ڪا سازش ضرور آھي، پر شاھ عنايت قرآن شريف تي يقين ڪندي جنگبندي ڪرڻ لاءِ انھن سان گڏ ويو، ۽ اُتي دوکي سان شاھ عنايت کي اڏيءَ تي سِر رکي شھيد ڪيو ويو ۽ سندس سِر ڪٽي دھلي درٻار ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.
شاهه عنايت ۽ ان جي فقيرن کي شڪست نه ڏيڻ کان پوءِ ڪهڙي ريت دوکي سان قرآن مجيد وچ ۾ ڏئي معززن ذريعي جنگ بندي واري واقعي تي سبط حسن پنهنجي مضمون، ’سنڌ جو سوشلسٽ صوفي‘ ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب ’مقالات الشُعرا‘ جو حوالو ڏيندي هن ريت لکيو آهي ته، ”نيٺ جڏهن فقيرن تي سوڀ ماڻڻ جو ڪو به امڪان نه رهيو ته دشمن ٺڳي ۽ دولاب تي لهي آيو. پهرين جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت آڏو صُلح ۽ ٺاهه جي تجويز پيش ڪئي وئي.’ميان خدايار خان جي پُٽ محمد خان ۽ مير شهداد خان وغيره، فوجي سالارن قرآن مجيد وچ ۾ رکي عهد ڪيو ته فقيرن جي جان ۽ مال کي ڪو نقصان نه رسندو.‘ شاهه عنايت جي ڪن ساٿين کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هي قَسم ۽ انجام دشمن جون اٽڪلون آهن، انهن جي دوکي ۾ نه اچو ۽ مقابلو جاري رکو. پرالله پرست صوفي قرآن جي قسم تي ڪيئن پئي شڪ ڪري سگهيو؟! سو هُن صُلح جي تجويز منظور ڪئي. جهوڪ جو دروازو کوليو ويو ۽ شاهي فوج بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ خون خرابي جي وسنديءَ تي قبضو ڪري ورتو. ان کان پوءِ صوفي شاهه عنايت کي وڏي عزت ۽ احترام سان، صُلح نامي تي صحيح ڪرڻ جي بهاني سان، نواب اعظم خان جي تنبوءَ تائين آندو ويو، پر اتي پهچندي ئي کيس پڪڙي هٿڪڙيون ۽ پيرڪڙيون پارايون ويون. پوءِ شاهي پلاند جي باهه جهوڪ ڏانهن مُنهن موڙيو ۽ فقيرن جو کُليو قتل شروع ڪيو ويو. سندن گهر ساڙيا ويا، سندن مال مَڏيون لُٽيا ڦُريا ويا. وَسنديءَ جو ڪوٽ ڊاهي پَٽ ڪيو ويو. جهوڪَ جي گڏيل راهڪي خون ۾ ٻُڏي وئي نه ٻج ڇٽيندڙ بچيا نه فصل ۾ لابارو وجهندڙ. جهوڪ کي نيست نابود ڪرڻ پڄاڻان نواب اعظم ٺتي موٽي ويو، صوفي شاهه عنايت کي ڀَريءَ درٻار ۾ گُهرايو ويو.“ تاريخ جي ڪتابن ۾ آيل آھي ته شاھ عنايت شھيد ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ فارسي ٻوليءَ ۾ ھي شعر پڙھيو ھو ته:
” سِر در قدم، يار فدا شُد، چه بجا شُد،
اين بارِگران، بُود ادا شُد چه بجا شُد“
مطلب؛ سِرُ يار جي قدمن تي فدا ٿيو، سُٺو ٿيو،
اھو ڪُلھي تي وڏو بارُ ھو، ادا ٿيو سُٺو ٿيو.
شاھ عنايت جي سنڌ جي حقيقي قومي آزاديءَ ۽ پيڙھيل طبقن جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ ان عظيم تحريڪ کي ۽ ان جي سرواڻ کي وڏي بيرحميءَ سان دوکي سان ڪُچليو ويو، پر ان جي باوجود اھا ويڙھ سندس بچيل ساٿين روپوشيءَ ۾ رھندي به جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شاھ عنايت جي آزاديءَ واري فڪر جي پرچار پڻ ڪندا رھيا، جنھن جو ذڪر اسان کي سندس ئي دور جي عظيم انقلابي شاعر، مفڪر، سوشل سائنٽسٽ ۽ شاھ عنايت جي انقلابي ۽ گوريلا تحريڪ جو حصو رھندڙ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سُر رامڪلي، سُر کاھوڙي، سُر سُهڻي، سُر ڏهر ۽ سُر ڪيڏاري ۾ ملي ٿو، مثال طور انهن سُرن مان هڪ هڪ بيت هيٺ ڏيان ٿو:
سِرُ ڍونڍيان، ڌَڙُ نهَ لَھان، ڌَڙُ ڍونڍيان سِرُ ناھ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱريُون ويا ڪَپِجي ڪانھ،
وَحدت جي وھانءِ، جي ويا سي وڍيا
شاھ عنايت جھڙي عظيم شخصيت، جنھن پنھنجي قوم جي آزاديءَ لاءِ ۽ انھن جي غربت مِٽائڻ لاءِ کلندي مُرڪندي موت کي قبول ڪيو پر اُن جا پونئر ۽ ان جي گاديءَ جا گادي نشين سندس فڪر ۽ فلسفي کي وساري ويٺا آھن ۽ ان جي اُبتڙ عمل پيرا آھن، جڏھن ته صوفي شاھ عنايت بغير رنگ نسل، ذات پات، اوچ نيچ ۽ مذھبي تفرقي جي انسانيت جي خدمت ڪئي، ايتري قدر جو پاڻ ھندو توڙي مسلم گڏ ويھاري انھن سان گڏ ھڪ ئي پاٽ ۾ ماني کائيندا ھُئا. سندس ان تحريڪ بابت سنڌ جي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن، پر انهن مان سائين جي ايم سيد جو ’سنڌ جا سورما‘، پروفيسر محمد علي مانجهيءَ جو ’صوفي شاھ، عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘، صوفي حضور بخش جو ڪتاب ’شاهه عنايت‘، بدر ابڙي جو’سنڌ جو شاھ‘، دانش نواز گهانگهري جو ’شهيد صوفي شاهه عنايت‘ اهميت جا حامل آهن، جن ڪتابن جي مطالعي مان اسان کي صوفي شاھ عنايت جي فڪر، فلسفي ۽ سندس جدوجهد بابت تفصيل ملن ٿا.