ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات،برساتي سسٽم داخل ٿيڻ کان پوءِ گجگوڙ ۽ تيز هوائن سان برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي ۽ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي، گلشن معمار، منگهوپير، احسن آباد، گلزار هجري ۽ ٻين مضافاتي علائقن ۾ تيز برسات ٿي، جڏهن ته ناظم آباد، نيو ڪراچي، گلستان جوهر، گلشن اقبال ۽ شاهراهه فيصل سميت ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، اورنگي ٽائون، منگهوپير، صدر، ڊفينس، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ هلڪي برسات پئي، موسميات کاتي موجب ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ مٽيءَ جو طوفان اچڻ وارو آهي، جڏهن ته برساتي سسٽم تحت شهر جي مرڪزي علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ امڪاني تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي  بلدياتي ادارن، واٽر بورڊ ۽ ضلعي انتظاميا کي 24 ڪلاڪ سرگرم رهڻ جون هدايتون ڏنيون، وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪراچي سميت سڀني وڏن شهرن ۾ نالن جي صفائي، بند ٿيل هنڌن کي فوري کولڻ ۽ هيٺاهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا وڃن، هن واٽر بورڊ کي سيوريج لائينن جي صفائي، پمپنگ اسٽيشنن تي متبادل بجلي جو بندوبست يقيني بڻائڻ، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين بجلي فراهم ڪندڙ ادارن کي برسات دوران لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪرڻ ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون، مراد علي شاهه سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پاڻ ميدان ۾ نڪري انتظامن جي نگراني ڪرڻ ۽ پوليس کي اهم شاهراهن ۽ چوڪن تي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته برسات کانپوءِ ادارو مڪمل الرٽ آهي ۽ شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته بجلي جي پولن، ميٽرن، انٽرنيٽ ۽ ٽي وي ڪيبلن سميت ٻين تارن کان محفوظ فاصلو رکن، ترجمان چيو ته ڪنڊن ذريعي غيرقانوني بجلي حاصل ڪرڻ جان ليوا ثابت ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته برسات دوران ۽ ان کانپوءِ پاڻي جي موٽر سميت برقي اوزار احتياط سان استعمال ڪيا وڃن،

You might also like