ايران جيتوڻيڪ اهو دعويٰ ڪري ٿو ته هو آمريڪي جارحيت جو شڪار آهي، پر آبنائي هرمز بابت ٿيل "مفاهمتي يادداشت” جي باوجود هن جارحاڻو رويو اختيار ڪيو ۽ عمان جي سامونڊي حدن مان گذرندڙ جهازن تي حملا ڪري موجوده تڪرار جي شروعات ڪئي. جنگ جي حالتن ۾ هر ڌر ٻي ڌر کي ذميوار قرار ڏيندي آهي، پر موجوده صورتحال ۾ ايران جو سرڪاري بيانيو ۽ تهران جي حڪومتي ڍانچي اندر پيدا ٿيل اختلاف دراصل هڪ اهڙي عالمي بحران جي شروعات بڻجي رهيا آهن، جنهن تي ضابطو آڻڻ کان سواءِ ان جي انجام جو اندازو لڳائڻ به ڏکيو آهي.
ايراني فوجي قيادت، خاص طور تي پاسدارانِ انقلاب، مرحوم آيت الله خامنه اي جي جنازي دوران "انتقام ۽ بدلي” جو نعرو عام ڪيو، جيڪو موجوده ٽڪراءَ جي بنيادي سببن مان هڪ بڻجي ويو آهي. ايران جا سياسي اڳواڻ، جيڪي اڳ مفاهمتي يادداشت تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ سرگرم هئا، هاڻي بي وس ۽ غير مؤثر نظر اچن ٿا، جڏهن ته هر گذرندڙ ڏينهن سان پاسدارانِ انقلاب جو بيانيو ئي ايران جي عملي پاليسي بڻجندو پيو وڃي. هن پاليسي تحت ايران "نه پاڻ جيئنداسين، نه ٻين کي جيئڻ ڏينداسين” واري رستي تي هلندي نظر اچي ٿو. ان جو بنيادي سبب اهو لڳي ٿو ته پاسدارانِ انقلاب کي خدشو آهي ته امن قائم ٿيڻ سان سندن اقتدار ۽ اثر رسوخ کي خطرو پيدا ٿي ويندو.
آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت سبب پاسدارانِ انقلاب شايد اهو سمجهڻ لڳا آهن ته کين غيرمعمولي عوامي طاقت حاصل آهي، ۽ جيڪڏهن هو سخت موقف اختيار ڪن ته دنيا سندن آڏو جهڪي ويندي. پر تازين اطلاعن موجب اهو تاثر هاڻي آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي، جنهن سبب ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني قيادت سان ملاقاتن دوران ممڪن طور جنگبندي لاءِ نئون رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ طرف پاسدارانِ انقلاب پنهنجي ملڪ جي سياسي قيادت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن، ته ٻئي طرف عالمي سطح تي سندن ساک سخت متاثر ٿي آهي. فيبروري جي آخر ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن دوران دنيا جا ڪيترائي ملڪ ايران کي مظلوم ۽ آمريڪا کي جارح سمجهي رهيا هئا، پر پاسدارانِ انقلاب جي غير ذميواراڻي قدمن کان پوءِ اها راءِ تبديل ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ايران کي هڪ ضد ڪندڙ ۽ جنگ پسند ملڪ طور ڏٺو وڃي ٿو.
پاسدارانِ انقلاب کي پنهنجي فوجي طاقت جو چڱيءَ ريت اندازو آهي. فيبروري ۾ شروع ٿيل جنگ دوران سوين ميزائل فائر ڪيا ويندا هئا، جڏهن ته هاڻي اها تعداد گهٽجي روزانو ٻه يا چار ميزائلن تائين محدود ٿي وئي آهي. تنهن هوندي به ايران پاران عرب ملڪن جي اهم تنصيبات ۽ شهري ڍانچي کي نشانو بڻائڻ سبب خطي ۾ خوف ۽ بي يقيني جي فضا وڌيڪ گهري ٿي وئي آهي، جنهن کي پاسدارانِ انقلاب پنهنجي طاقت سمجهي رهيا آهن، جڏهن ته عملي طور ملڪ کي مڪمل تباهي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.
اهو به واضح آهي ته پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بقا لاءِ هر انتهاپسند طريقو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن. انهن جي حڪمت عملي اها لڳي ٿي ته جيڪڏهن ايران کي نقصان پهچي ته عرب ملڪن کي به اهڙو ئي نقصان پهچايو وڃي، جيئن عالمي معيشت بحران جو شڪار ٿئي. پر دنيا سان اهڙي ٽڪراءَ واري پاليسي اختيار ڪرڻ سان ايران پنهنجو مستقبل پاڻ ئي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. پاسدارانِ انقلاب جي موجوده رويي کان پوءِ ايران بابت جيڪا ٿوري گهڻي مثبت راءِ موجود هئي، اها به تبديل ٿي رهي آهي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ اهو سمجهڻ لڳا آهن ته جيستائين اهڙو انتهاپسند فوجي گروهه اقتدار تي اثرانداز رهندو، تيستائين عالمي امن جي اميد نٿي رکي سگهجي. ڀلي مستقبل ۾ ڪو جنگبندي وارو معاهدو ٿي به وڃي، پر عالمي برادري اهڙي حڪومت تي آساني سان اعتماد نه ڪندي، جنهن جا فيصلا پاسدارانِ انقلاب جهڙي طاقتور گروهه جي اثر هيٺ هجن.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن به ايران ۾ ڪو نئون سياسي عمل شروع ٿيندو ته ملڪ کي پنهنجي بقا لاءِ پاسدارانِ انقلاب جي اثر کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي جيڪڏهن انقلابي طاقت سمجهيو پيو وڃي، ته ممڪن آهي اهي ئي ماڻهو مستقبل ۾ ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جو سبب بڻجن. ڇو ته اهڙي تخريبي سوچ جي موجودگي ۾ عام ايراني شهري لاءِ پرامن زندگي گذارڻ ڏکيو بڻجي وڃي ٿو.
هڪ طرف خامنه اي جي جنازي دوران "انتقام” کي قومي نعرو بڻايو ويو، ته ٻئي طرف نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي بابت به ڪيترائي سوال پيدا ٿيا. علي خامنه اي جي تدفين چار مهينا دير سان ٿي، پر ان دوران مجتبيٰ خامنه اي ڪنهن به موقعي تي عوام آڏو ظاهر نه ٿيو. نه سندس ڪو آڊيو پيغام سامهون آيو ۽ نه ئي وڊيو.
ان ڪري ٻه امڪان سامهون اچن ٿا. يا ته هو زندهه هجڻ باوجود اهڙي حالت ۾ ناهي جو عوام آڏو اچي سگهي، يا وري پاسدارانِ انقلاب جي بااثر ڌرين کيس پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيو آهي ۽ سندس نالي سان اهي ئي حڪم جاري ڪيا وڃن ٿا، جيڪي سندن مفادن سان مطابقت رکن ٿا. ٻي صورت ۾ اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته ڪو پٽ پنهنجي والد جي جنازي ۾ به شرڪت نه ڪري.
ايران جي صدر مسعود پزشڪيان تازو چيو آهي ته سندس مجتبيٰ خامنه اي سان ملاقات ٿي آهي، پر هن ان کان وڌيڪ اهو شڪايت ڪئي ته سرڪاري ميڊيا مجتبيٰ خامنه اي جي بيانن جو صرف اهو حصو نشر ڪري ٿي، جنهن ۾ ڳالهين جي مخالفت هجي، جڏهن ته ذاتي گڏجاڻين ۾ هو جنگ جي خاتمي ۽ امن جي ضرورت تي زور ڏيندو آهي. صدر موجب، مجتبيٰ خامنه اي تائين رسائي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌي آهي، پر هن اها وضاحت نه ڪئي ته اها رسائي ڪيئن ممڪن ٿي آهي. سندس بيان مان به اهو ظاهر ٿئي ٿو ته خود ايران جو صدر به سرڪاري ميڊيا جي هڪ طرفي رپورٽنگ کان مطمئن ناهي، جنهن سبب ملڪ جي حقيقي صورتحال اڃا تائين ڌنڌلي نظر اچي ٿي.
في الحال ايران جي حڪمت عملي ائين محسوس ٿئي ٿي ته "جيڪڏهن ايران نه رهيو ته پوءِ ٻيو ڪو به نه رهندو.” ان جو واضح اظهار ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف سوشل ميڊيا تي ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايران پنهنجو تيل وڪرو نه ڪري سگهندو ته پوءِ خطي جو ٻيو ڪو به ملڪ تيل وڪرو نه ڪري سگهندو.اهو چوڻ ڏکيو آهي ته قاليباف اهو بيان پاسدارانِ انقلاب کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏنو يا رڳو هڪ سياسي پيغام طور، پر هاڻي ايران رڳو آمريڪي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي ڳالهه نٿو ڪري، پر پاڙيسري ملڪن جي معيشت کي به تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ساڳئي نوعيت جون ڌمڪيون حوثي باغين کان به ڏنيون پيون وڃن، جن بحيره احمر ۾ باب المندب جي سامونڊي لنگهه کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ ٻه سعودي آئل ٽينڪر به نشانو بڻايا.پاسدارانِ انقلاب جو خيال آهي ته هو عالمي معيشت تي دٻاءُ وجهي دنيا کي بليڪ ميل ڪري سگهن ٿا، پر جيڪڏهن اهڙي حڪمت عملي ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ هر ننڍڙو هٿياربند گروهه به عالمي مفادن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪو عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي خطرناڪ مثال ثابت ٿي سگهي ٿو.