قبائلي لشڪر بڻائڻ لاءِ چيو پيو وڃي:محمود اچڪزئي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته 5 آگسٽ تي عمران خان جي قيد کي ٽي سال مڪمل ٿي ويندا، تنهنڪري اسان کي صرف هڪ ڏينهن جو احتجاج ناهي ڪرڻو، پر هڪ وڏو ۽  اثرائتو احتجاج ڪرڻو آهي ته جيئن عمران خان جي آزادي ممڪن ٿي سگهي ۽ کيس علاج جي سهولت ملي. هن اهو سنگين الزام به لڳايو ته اهم ميٽنگ ۾ جرڳي کي گهرائي چيو ويو ته "قبائلي لشڪر بڻايو.” هن پڇيو ته ڇا پاڪستاني فوج پنهنجي طاقت وڃائي چڪي آهي؟ان تي راڻا ثناءُ الله جو بيان آيو ته جيڪڏهن ڪي پي يا بلوچستان جي عوام کي دهشتگردن جي خلاف سگهه پيدا ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته ان جو مطلب لشڪر سازي ناهي. هن مثال ڏنو ته "بئنڪون به ته پنهنجي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي گارڊ رکنديون آهن.” رانا ثناءُ الله جهڙا ماڻهو عوام کي ٻڌائي رهيا آهن ته فوج نٿي وڙهي سگهي، عوام پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري. خدا نه ڪري سڀاڻي جيڪڏهن انڊيا حملو ڪندو ته راڻا ثناءُ الله چوندو ته عوام پاڻ گڏجي لشڪر بڻائي مقابلو ڪري! فوج جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

 

You might also like