پيپلز پارٽي جو”مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون“ تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ”مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون“ تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته پاڻي زندگي آهي، ڪنهن کي به ڌاڙو هڻي عوام کان زندگيون کسڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ملڪي معيشت کي گهٽو ڏيڻ جي برابر آهي، جڏهن ته ڀارت جي آبي دهشتگردي ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف هر محاذ تي آواز اٿاريو ويندو.
نثار کهڙي اعلان ڪيو ته پيپلز پارٽي 24 جولاءِ تي صوبي جي مختلف تعلقن ۾ ريليون ڪڍي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي.

You might also like