ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ هلندڙ سال ارڙي سبب 53 ٻارن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو، صحت کاتي جي انگن اکرن موجب سال 2026ع جي پهرين 26 هفتن دوران سڄي ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ ارڙي سبب 102 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ارڙي جا 7 هزار 105 شڪي ڪيس سامهون آيا، جن مان 2 هزار 280 ڪيس ليبارٽري ٽيسٽن ذريعي تصديق ٿيل آهن، ملڪ ۾ ارڙي جا 29 هزار 66 شڪي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته 8 هزار 309 ڪيسن جي ليبارٽري ذريعي تصديق ڪئي وئي، ٻئي طرف صحت جي ماهرن ارڙي جي وڌندڙ پکڙجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ بروقت ويڪسينيشن، اثرائتي نگراني ۽ هنگامي حفاظتي قدم انتهائي ضروري آهن، ٻي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي.