سکر(رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) سکر جي آباد ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جو حملو گوليون لڳڻ سبب فضل الرحمان ڌميو (ابڙو) مارجي ويو، مقتول فضل الرحمان ڌميو جي وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، سکر جي آباد ٿاڻي جي حدن ۾ قتل ٿيل نوجوان فضل الرحمان ڌميو جي وارثن سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري، مقتول جي زال ۽ ٻن معصوم ٻارن جي بازيابي ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، احتجاج ۾ شامل مقتول جي وارثن غلام سرور، قادر بخش، امداد الله، عبدالرحيم، حفيظ الله، مائي پٺاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فضل الرحمان ڌميو چار سال اڳ فرزانه ڪوري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن مان کين ٻه ٻار پڻ ڄايا، شادي کان پوءِ ٻنهي خاندانن ۾ ٺاهه ٿي ويو هو پر ان جي باوجود وزير ڪوري ۽ سندس ساٿين فضل الرحمان ڌميو کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ هو ته جوابدارن کين فون ڪري چيو ته اسان پنهنجو بدلو وٺي ڇڏيو آهي، هنن الزام هنيو ته مقتول جي زال فرزانه ڪوري ۽ سندن ٻه معصوم ٻار به جوابدارن جي قبضي ۾ آهن، جتي کين غيرقانوني طور قيد ڪري رکيو ويو آهي، قتل ۾ نامزد جوابدارن جا نالا پوليس کي ڏنا ويا آهن، پر اڃا تائين سندن خلاف ڪا اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب وارث سخت ذهني اذيت ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهن، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي، مقتول جي زال ۽ ٻنهي ٻارن کي محفوظ نموني بازياب ڪرايو وڃي ۽ متاثر خاندان کي جلد ۽ شفاف انصاف فراهم ڪيو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.