ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي جي ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال ۾ مبينا طور استعمال ٿيل يا غير محفوظ طريقي سان استعمال ڪيل سرنجن سبب ڪيترائي ٻار ايڇ آءِ وي جو شڪار ٿيا، جنهن کان پوءِ متاثر خاندان نه رڳو علاج جي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر سماجي امتياز جو به شڪار بڻجي رهيا آهن.اتحاد ٽائون جي رهواسڻ عائشه ڪامران هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس پٽ ۾ ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ ٿيڻ کان پوءِ سندن لاءِ گهر ۾ رهڻ به ڏکيو ٿي ويو.هن چيو ته گهر جي مالڪ کي جڏهن خبر پئي ته سندن ٻار کي ايڇ آءِ وي آهي ته هن کين گهر خالي ڪرڻ لاءِ چيو. سندس مڙس ٻار جي علاج سبب ڪم تي باقاعدگي سان نٿو وڃي سگهي، ۽ موڪل وٺڻ تي ڪمپني طرفان نوڪري ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون.عائشه سوال ڪيو ته ڇا اسپتال انتظاميا جي مبينا غفلت سبب هو ۽ سندس خاندان اهڙي سماجي سلوڪ جا حقدار آهن؟پٺاڻ ڪالوني جي رهواسي محمد آصف ٻڌايو ته هو ڇهه مهينا اڳ پنهنجي چئن ورهين جي ڌيءَ کي معمولي طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال وٺي آيو هو، پر کيس خبر نه هئي ته هوءَ هڪ خطرناڪ بيماري سان واپس گهر ويندي.هن چيو ته هاڻي سندس ڌيءَ گهڻو وقت گهر ۾ اڪيلي يا اسپتال ۾ گذاري ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڙي وارن پنهنجن ٻارن کي ساڻس گڏ کيڏڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.ساڳئي واقعي ۾ اورنگي ٽائون جي رهواسي آفتاب خان دعويٰ ڪئي ته سندس خاندان جا چار ٻار به ايڇ آءِ وي جو شڪار ٿيا. هن اسپتال انتظاميا ۽ نرسنگ اسٽاف کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سندس اکين اڳيان هڪ ئي سرنج سان مختلف ٻارن کي انجيڪشن لڳايا ويا.آفتاب خان موجب، جڏهن سندس ڌيءَ اعتراض ڪيو ته کين جواب ڏنو ويو: "توهان ڊاڪٽر آهيو يا اسان؟” هن وڌيڪ چيو ته سندس پٽ کي اسڪول مان ڪڍيو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه والدين اسڪول انتظاميا تي دٻاءُ وڌو ته جيڪڏهن ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻار اسڪول آيو ته هو پنهنجا ٻار اسڪول مان ڪڍي ڇڏيندا.هن روئيندي چيو ته ٽن مهينن کان گهر جو ڪرايو به ادا نه ڪري سگهيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر ٻارن کي ميوا کارائڻ جي صلاح ڏين ٿا، پر معاشي حالتون ان جي اجازت نٿيون ڏين.ان حوالي سان ذوالفقار ڀٽو جونيئر، جيڪو ايڇ آءِ وي بابت آگاهي مهم هلائي رهيو آهي، چيو ته سنڌ اينٽي ڊسڪريمنيشن ايڪٽ تحت ڪنهن به ٻار کي دائمي بيماري (ڪرونڪ ڊزيز) سبب اسڪول مان نٿو ڪڍي سگهجي، ۽ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻار به ٻين ٻارن وانگر تعليم حاصل ڪرڻ جا مڪمل حقدار آهن.ذوالفقار ڀٽو جونيئر ٻڌايو ته هو حيدرآباد، دادو، لاڙڪاڻو ۽ هاڻي ڪراچي ۾ پڻ ايڇ آءِ وي بابت آگاهي مهم هلائي رهيو آهي. سندس چوڻ موجب، سوشل ميڊيا تي انفلوئنسرز ۽ اداڪارن سان گڏ آگاهي وڊيوز تيار ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ميداني سطح تي به ماڻهن کي ايڇ آءِ وي بابت صحيح ڄاڻ ڏني پئي وڃي ته جيئن متاثر ماڻهن سان امتيازي رويو ختم ٿي سگهي.هن وڌيڪ چيو ته ايڇ آءِ وي، ڪووڊ-19 وانگر هٿ ملائڻ يا ڇهڻ سان نٿي پکڙجي، ۽ محفوظ سرنجن جي استعمال کي يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي.واضح رهي ته گذريل سال ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال مان مبينا طور استعمال ٿيل سرنجن جي ٻيهر استعمال سبب ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو واقعو سامهون آيو هو. سرڪاري ذريعن موجب متاثر ٻارن جو انگ 200 جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته متاثر خاندانن جي دعويٰ آهي ته هاڻي تائين 1000 ٻار هن بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.
ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس غيرمعمولي طور وڌي ويا: ڊاڪٽر عرفان جميل
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ماهر ٻارن جي بيمارين ڊاڪٽر عرفان جميل چيو آهي ته گذريل چئن مهينن دوران ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس غيرمعمولي طور تي وڌيا آهن.هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عرفان جميل ٻڌايو ته سنڌ انفيڪشس ڊزيزز اسپتال ۾ پڻ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.هن چيو ته هلندڙ سال ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي وئي آهي، جڏهن ته عام طور تي ايڇ آءِ وي ٻارن جي بيماري نه سمجهي ويندي آهي. سندس چوڻ موجب، گذريل چئن مهينن کان ٻارن ۾ هن وائرس جا ڪيس غيرمعمولي رفتار سان وڌي رهيا آهن.ڊاڪٽر عرفان جميل موجب، بالغن جي وقت سر ايڇ آءِ وي اسڪريننگ نه ٿيڻ سبب وائرس ٻارن تائين منتقل ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته غير محفوظ رت جي منتقلي به ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءَ جي اهم سببن مان هڪ آهي.هن صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ادارن تي زور ڏنو ته ايڇ آءِ وي جي بروقت جاچ، محفوظ رت جي فراهمي ۽ عوامي آگاهي کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي ته جيئن ٻارن ۾ وائرس جي منتقلي کي روڪي سگهجي.