ٽرانسپورٽرن طرفان تيل اگهن ۾ واڌ ۽ نئين پاليسي واپس نه ٿيڻ تي احتجاج جي ڌمڪي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي گڊز ڪيريئرز ايسوسيئيشن (ڪي جي سي اي) حڪومت طرفان ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ تازي واڌ ۽ قيمتون مقرر ڪرڻ واري طريقي کي رد ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڄي ملڪ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ جو ڦيٿو جام ڪيو ويندو، آفيسون بند ڪيون وينديون ۽ ملڪ گير احتجاج شروع ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايسوسيئيشن جي  جنرل سيڪريٽري نديم اختر آرائين، صدر ملڪ شير خان، وائيس چيئرمين ۽ نائب صدر اياز خان سان گڏ چيو ته پاڪستان جو ٽرانسپورٽ شعبو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي، پر ان کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ بار بار واڌ سبب ٽرانسپورٽر سخت مالي بحران جو شڪار آهن، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ عوام ۽ ٽرانسپورٽرن کي ان جو فائدو نٿو ڏنو وڃي، نديم اختر آرائين الزام هنيو ته پنجاب، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ گڊز ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل ڊرائيورن ۽ گاڏي مالڪن کي غير ضروري چيڪنگ، ڳرن ڏنڊن، مبينا رشوت ۽ هراسان ڪرڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هن دعويٰ ڪئي ته مختلف ادارن جي ڪارروائين سبب ٽرانسپورٽرن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ڊرائيورن سان ناروا ورتاءُ معمول بڻجي ويو آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت مطالبن تي فوري ڌيان نه ڏنو ته ملڪ ڀر ۾ گڊز ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ سبب ڪراچي، پورٽ قاسم ۽ گوادر بندرگاهن تان درآمدي ۽ برآمدي سامان، تيل، خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي سخت متاثر ٿيندي، جنهن سان معيشت ۽ عوام ٻنهي کي وڏو نقصان پهچندو، هن چيو ته ڪراچي گڊز ڪيريئرز ايسوسيئيشن ملڪ جي ٻين وڏين ٽرانسپورٽ تنظيمن سان رابطي ۾ آهي ۽ جلد گڏيل صلاح مشوري کانپوءِ ملڪ گير احتجاج ۽ ڦيٿو جام هڙتال جو حتمي شيڊيول جاري ڪيو ويندو، ايسوسيئيشن وزيراعظم، ناڻي واري وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن بابت تازي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي، ٽرانسپورٽرن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ ممڪن بحران کان بچڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

 

You might also like