اسلام آباد (بيورو ) پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ شامل ليوي، ٽيڪسن ۽ مختلف مارجنز جا تفصيل سامهون اچي ويا، دستاويزن موجب 18 جولاءِ 2026ع کان هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي لاڳت 191 رپيا 42 پئسا آهي، جڏهن ته حڪومت ان جي سرڪاري قيمت 315 رپيا 15 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي آهي، دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 124 رپيا 73 پئسا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن، جن ۾ 80 رپيا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 18 رپيا 16 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 6 رپيا 95 پئسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پئسا ڊيلرن جو مارجن شامل آهن، ساڳئي ريت هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي لاڳت 241 رپيا 70 پئسا آهي، جڏهن ته حڪومت ان جي سرڪاري قيمت 354 رپيا 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي آهي، دستاويزن موجب هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي مجموعي طور 112 رپيا 65 پئسا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجنز جي صورت ۾ وصول ڪيا پيا وڃن.