اسلام آباد (بيورو) عمران خان ۽ سندس خاندان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، اين سي سي آءِ اي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس خاندان جو مقصد پاڪستان کي نقصان پهچائڻ آهي، جڏهن ته نورين نيازي جو تازو بيان انتهائي افسوسناڪ ۽ سوچي سمجهي رٿابندي جو حصو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طلال چوڌري دعويٰ ڪئي ته نورين نيازي جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي عنصر پاڪستان خلاف پراڪسي طور ڪم ڪري رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ ۽ سندس خاندان جو بيانيه پاڪستان مخالف آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت نه رڳو رياستي ادارن پر ملڪ جي معيشت کي به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي خط لکيا ويا ۽ عالمي مالياتي اداري ٻاهران احتجاج به ڪيا ويا، طلال چوڌري چيو ته ڪجهه عنصر قومي ڪاميابين کي به تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت پاڪستان جي استحڪام، قومي سلامتي ۽ معيشت خلاف هر قدم خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪندي، هن چيو ته نورين نيازي جي تڪراري بيان تي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ٻئي طرف نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي کي رياستي ادارن خلاف مبينا سوشل ميڊيا مهم بابت طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس موجب نورين نيازي کي اڄ منجهند 12 وڳي اسلام آباد ۾ پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو، اين سي سي آءِ اي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن خلاف مبينا طور ڪوڙا ۽ تذليل آميز بيان نشر ڪيا ويا، جڏهن ته پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ اهو سمجهيو ويندو ته دفاع ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.
نورين نيازي جو بيان هرگز قابل قبول ناهي: بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد(بيورو)مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته نورين نيازي جو بيان هرگز قابل قبول ناهي ۽ سندس چوڻ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني ۽ سندس خاندان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلال اظهر ڪياني چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو هو، جڏهن ته "معرڪه حق” بابت نورين نيازي جو بيان قابل مذمت آهي.هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان جي فتح ڪجهه عنصرن کي هضم نه ٿي آهي. سندس دعويٰ هئي ته نورين نيازي جو بيان پي ٽي آءِ جي مبينا پاڪستان مخالف سوچ جو تسلسل آهي، ۽ اهڙا بيان ملڪ دشمني کان گهٽ ناهن.مملڪتي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ جي تڪراري بيان کان پوءِ به ڪا وضاحت سامهون ناهي آئي. هن سوال ڪيو ته نورين نيازي اهڙن بيانن ذريعي پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي جوانن کي آخر ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي؟
نورين نيازي کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عون چوڌري
اسلام آباد (بيورو) مملڪتي وزير عون چوڌري چيو آهي ته نورين نيازي جو بيان قومي مفادن خلاف آهي، معرڪه حق قومي فخر آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت مملڪتي وزير عون چوڌري، معرڪه حق بابت ڏنل بيان تي عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي کان قوم کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو، اسلام آباد ۾ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عون چوڌري چيو ته نورين نيازي جو بيان افسوسناڪ، غير ذميواراڻو ۽ قومي مفادن جي ابتڙ آهي، جنهن سبب سڄي قوم جا جذبا مجروح ٿيا آهن، تنهن ڪري کيس قوم کان معافي گهرڻ گهرجي، هن چيو ته پي ٽي آءِ اندر موجود ڪجهه عنصر ملڪ لاءِ وڏو خطرو آهن ۽ سندن سياست جو مقصد صرف انتشار پيدا ڪرڻ آهي، معرڪه حق پاڪستان جي قومي فخر جي علامت آهي ۽ ڀارت اها شڪست نسلن تائين ياد رکندو، هن وڌيڪ چيو ته معرڪه حق جي ڪاميابي تي سڄي قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي ۽ پاڪستان هميشه سياست کان مٿانهون آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي پاڪستان جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو.
نورين نيازي جو بيان معافي جوڳو ناهي، ڪا به رعايت نه ٿيندي: عطا تارڙ
لاهور (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ نورين نيازي جو بيان ڀارتي ميڊيا ۾ نمايان ٿيو جنهن تي عوام ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ناراضگي موجود آهي، نورين نيازي جو بيان معافي جوڳو ناهي، ان سلسلي ۾ ڪا به رعايت نه ٿيندي، لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته نورين نيازي جي بيان تي عوام ۾ سخت ڪاوڙ آهي، اوهان جو بيان معافي جوڳو ناهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيندي، پنهنجي ڀاءُ جي سياست پٺيان هُن معرڪه حق تي سوال کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، اهڙا بيان ڏنا وڃن ٿا جيڪي ڀارتي ميڊيا جي زينت بڻجي رهيا آهن، مسلم ليگ (ن) خدمت جي سياست تي يقين رکي ٿي ۽ پارٽي جو هر ڪارڪن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي عورت اڳواڻن هميشه عوامي خدمت کي اوليت ڏني، جڏهن ته ڪارڪن هر ڏکئي وقت ۾ پارٽي سان گڏ بيٺا رهيا، جنهن تي هو سندن ٿورائتو آهي، ڪشميرين جو هڪ ئي نعرو ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“ آهي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميرين جون دليون پاڪستان سان ڌڙڪن ٿيون، سندس چوڻ هو ته لڏي ويل ڪشميرين جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندن حب الوطني تي ڪنهن کي به شڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، عطا تارڙ چيو ته حڪومت ڪشمير ڪاز خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائيندي، جڏهن ته تشدد، ساڙ ڦوڪ ۽ انتشار جي سياست کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊون انتهائي اهميت رکن ٿيون، ڪجهه عنصر پنهنجي سياست خاطر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر اهڙيون ڪوششون هميشه ناڪام رهنديون، خيبرپختونخوا جي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران منفي سياست ڪئي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي منفي حڪمت عملي هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ اهو سفر اڳتي به جاري رهندو.