تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا پاران حملن جي باوجود ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙن ذريعي سفارتي رابطا جاري آهن ۽ آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه قومي مفادن جي بنياد تي ئي ڪري سگهجي ٿي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي تهران ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته ايران کي ٽياڪڙن ذريعي پيغام ملي رهيا آهن.
هن چيو ته اسان کي ٽياڪڙن ذريعي پيغام مليا آهن، اهم ڳالهه اها آهي ته ويجهڙائي وارن ڏينهن ۾ سفارتي نظام سرگرم رهيو آهي ۽ ڪجهه ٽياڪڙن طرفان اسان کي مختلف تجويزون پهچايون ويون آهن.
ٽياڪڙن ذريعي آمريڪا سان سفارتي رابطا جاري، قومي مفادن تحت ئي ڳالهين لاءِ تيار آهيون: ايران
You might also like