بلوچستان جي سياسي مسئلن جو واحد حل مذاڪرات آهن:بلاول ڀٽو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلوچستان جي سياسي مسئلن جو واحد حل مذاڪرات ۾ آهي ۽ هو اقتدار ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾، سڀني سياسي جماعتن سان ڊائلاگ تي يقين رکون ٿا.زرداري هائوس ۾ وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي  بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعليٰ کيس بلوچستان جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال بابت آگاهه ڪيو.سرفراز بگٽي صوبي ۾ دهشتگردي جي تازي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي چيو ته زيارت سانحي جي متاثر خاندانن سان همدردي ڪئي وئي، انهن جا مطالبا پوري ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن به قائم ڪئي وئي آهي.وزيراعليٰ بلوچستان وڌيڪ ٻڌايو ته جلد ئي بلوچستان ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) سڏائي ويندي، جنهن ۾ پارليامينٽ کان ٻاهر موجود سياسي جماعتن کي به شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري فوج، ايف سي ۽ پوليس جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو تازن سانحن ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن جي درد کي محسوس ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته متاثر خاندانن جي ڏکن جي ازالي ۽ ڳالهين واري عمل جي ڪاميابي لاءِ وزيراعليٰ سرفراز بگٽي مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان جي سياسي مسئلن جو واحد حل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هر سياسي جماعت سان، ڀلي اها حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾، ڳالهين تي يقين رکي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف سڄي قوم سيِسي پلائي ڀت وانگر متحد بيٺي رهندي ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن،هن چيو ته دهشتگردي خلاف پ پ جو موقف پهرين ڏينهن کان واضح ۽ غيرمتزلزل آهي،پارٽي دهشتگردي جي ناسور خلاف ڀت وانگر رياستي ادارن ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظر ايندي

 

You might also like