اسلام آباد (بيورو)وڪيل ايڪشن ڪميٽي طرفان عدالتي موڪلن کان پوءِ تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ پاڪستان جي عمارت ۾ واقع سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڱڻ ۾ ڪوٺايل نيشنل ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ متفقه طور تي اڳوڻي سپريم ڪورٽ بار جي صدر علي احمد ڪرد کي ان تحريڪ جي قيادت سونپي وئي، وڪيل ايڪشن ڪميٽي جي نمائندن پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ته عدالتي موڪلن کانپوءِ علي احمد ڪرد جي اڳواڻي ۾ وڪيلن جي تحريڪ باقاعده طور شروع ڪئي ويندي، ان موقعي تي تحريڪ بابت هڪ قرارداد پڻ منظور ڪئي وئي، جنهن جو متن ميڊيا آڏو پڙهي ٻڌايو ويو، وڪيل برادري چيو ته علي احمد ڪرد جي قيادت ۾ هي تحريڪ قانون جي بالادستي جي لاءِ هڪ نئون سنگِ ميل ثابت ٿيندي، قرارداد ۾ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري جو موجوده طريقيڪار خوفناڪ حد تائين تباهي وارو آهي ۽ ججن جو انٽرويو هڪ مذاق بڻجي چڪو آهي، سينيئر وڪيل حامد خان ايڊووڪيٽ چيو ته عدالتي موڪلن جي پڄاڻي کانپوءِ تحريڪ جي باقاعده شروعات ڪئي ويندي، قرارداد ۾ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري جو موجوده طريقيڪار انتهائي غيرمناسب آهي ۽ ججن جا انٽرويو رڳو رسمي ڪارروائي بڻجي چڪا آهن، علي احمد ڪرد چيو ته ساٿين جي اصرار تي هن تحريڪ جي اڳواڻي قبول ڪئي آهي، معاملو هاڻي صرف 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن تائين محدود نه رهيو آهي، پر عوام جو سياسي نظام تان اعتماد به متاثر ٿيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هاڻي عوام جون اميدون پاڪستان جي وڪيل برادري سان وابسته آهن، تنهنڪري تحريڪ ۾ عام ماڻهن کي به شامل ڪيو ويندو، پهريون عوامي جلسو خيبرپختونخوا ۾ منعقد ڪيو ويندو، جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي دعوت تي لنڊن ۾ پڻ هڪ پروگرام ڪوٺايو ويندو، علي احمد ڪرد وڌيڪ چيو ته اسان جي عدالتن تي 26هين ۽ 27هين ترميم مڙهي وئي آهي، انهن جي حڪمت تحت جج ڪم ڪري رهيا آهن، هي ملڪ هلندو ته آئين، جمهوريت ۽ عدالتن تحت هلندو، ماڻهن کي اعتماد کي بحال ڪرڻ اسان جو پهريون ڪم هوندو ۽ ان اعتماد کي بحال ڪرڻ ۾ اوهان جي فوج جو سڀ کان اڳيان وارو ڪمانڊر هوندس.ان سلسلي ۾ تفصيلي ٻڌايو ويو ته هن تحريڪ تحت ملڪ ۾ بار ايسوسيئيشنز کي متحرڪ ڪيو ويندو ۽ آئين قانون جي پاسداري جي لاءِ احتجاجي مهمون ۽ امڪاني طور تي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪري سگهجي ٿو، وڪيل اڳواڻن چيو ته هو ڪنهن به غيرآئيني قدم خلاف ماضي وانگر هن ڀيري به ڀرپور مزاحمت ڪندا.