شهيد نذير عباسي جي 9 آگسٽ تي ورسي ملهائي ويندي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾  ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي صدارت هيٺ ”عوامي حقوق“ جي ڪارڪنن جو هڪ مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهيد نذير عباسي جي 46 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي آچر 9 آگسٽ تي نذير عباسي جي شهادت ۽ عوامي حقن جي جدوجهد جي عنوان سان ورسي جو پروگرام منعقد ڪيو ويندو. سندس مزاحمتي جدوجهد جا  ساٿي ۽ ترقي پسند سياسي اڳواڻ ۽ عالم پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا. مشاورتي اجلاس ۾ شاهينا رمضان، شاهده ياسمين، محمد فاروق قريشي، غلام محمد جدون ايڊووڪيٽ، وليم صادق، واحد بخش ناريجو ايڊووڪيٽ، ڪامريڊ رمضان ميمڻ، غلام اڪبر، عبدالخالق زادران، مرزا مقصود، اصغر علي لاسي وغيره پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.

 

You might also like