ڊڊيال(ع آ نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال کي پاڪستان جي رياست ۽ سياستدانن لاءِ آزمائش قرار ڏيندي چيو آهي ته سياسي بحران جو حل صرف ڳالهين ۽ سياسي عمل ذريعي ممڪن آهي، جڏهن ته ڪشمير جو مستقبل صرف ڪشميري عوام ئي طئي ڪندا. ڊڊيال ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته راولا ڪوٽ يا ٻين علائقن جي رهواسين کي ڪشميري نه چوندڙ وزير اڃا ڪابينا ۾ ڇو آهي، وزيراعظم اهو وزير هٽائي يا وري وضاحت ڪري،هن آزاد ڪشمير ۾ اهڙي صورتحال اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هن چيو ته هي نه رڳو ڪشميري عوام لاءِ پر پاڪستان جي رياست ۽ سياستدانن لاءِ به هڪ وڏو امتحان آهي، ڇاڪاڻ ته سياست صرف طاقت حاصل ڪرڻ بابت ناهي پر عوام جي نمائندگي ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بابت پڻ آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته سياستدانن جي ذميواري آهي ته اهي ڪشمير جي آواز کي اسلام آباد تائين پهچائين. سندس مطابق، هي مسئلو صرف آزاد ڪشمير تائين محدود ناهي، پر گلگت بلتستان کي به ساڳين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين آزاد ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ مصالحتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو ته حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙ ٻنهي کي ڪميشن جي رپورٽ اچڻ تائين پنهنجا پنهنجا عمل بند ڪرڻ گهرجن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته اڃا تائين نه ته حڪومت ۽ نه ئي احتجاج ڪندڙ سندس تجويز جو جواب ڏنو آهي. جيڪڏهن سندس تجويز قبول نه ڪئي وئي ته پوءِ اهو ٻڌايو وڃي ته هن بحران جو متبادل حل ڇا آهي.هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر شهري جو جمهوري حق آهي، پر اهڙو احتجاج جنهن جي نتيجي ۾ کاڌو، ٻارڻ ۽ دوائون جهڙيون بنيادي ضرورتون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير تائين نه پهچن، ڪنهن به طرح سان عوام جي مفاد ۾ ناهي. ان جو نقصان نه ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت کي آهي ۽ نه ئي پاڪستان جي رياست کي، پر ان جي قيمت صرف ڪشميري عوام ادا ڪري رهي آهي، جن کي پنهنجي روزاني زندگي ۾ سخت مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير جو فيصلو نه ته اسلام آباد جي کيسي ۾ آهي ۽ نه ئي پنڊي جي، پر ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو صرف ڪشميري عوام جي هٿن ۾ آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي شڪست ڏيندي ۽ عوام 27 جولاءِ جي چونڊن ۾ ان جو عملي ثبوت ڏيندا. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هو ميرپور، ڪوٽلي، ڊڊيال ۽ راولاڪوٽ سميت سڄي آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي ڪشميري سمجهندو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي پناهگيرن جي سيٽن تي به شاندار فتح حاصل ڪندي. بلاول ڀٽو وفاقي وزير خواجا آصف جو نالو وٺڻ کانسواءِ ان تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هڪ وفاقي وزير هڪ تڪراري بيان ڏنو، ان کي وضاحت ڏيڻ جو موقعو به مليو، پر ٽيهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به هو اڃا تائين پنهنجي موقف تي قائم آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو وزير اڃا تائين اهو سمجهي ٿو ته ميرپور، ڪوٽلي ۽ راولاڪوٽ ڪشمير جو حصو نه آهن ته پوءِ ان کي وزارت ڇڏڻ گهرجي. بلاول سوال اٿاريو ته وزيراعظم کي قوم کي ٻڌائڻ گهرجي ته هي وفاقي وزير جو ذاتي موقف آهي يا وفاقي حڪومت جي سرڪاري پاليسي؟ سندس مطابق، ٻئي شيون گڏ نه ٿيون هلي سگهن. جيڪڏهن حڪومت جو اهو موقف ناهي ته پوءِ اهڙي وزير کي ڪابينا ۾ رکڻ جو ڪو به جواز ناهي، بلڪه ان کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي. بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير جي ماڻهن سان اهڙي ناانصافي برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. هن هڪ ٻئي وفاقي وزير جي بيان تي به تنقيد ڪئي ته "آزاد ڪشمير جون 12 سيٽون اسان جي کيسي ۾ آهن”، ۽ چيو ته اهڙي ذهنيت رکندڙ ماڻهن کي ڪشمير جي ماڻهن جي جذبات ۽ مسئلن جي پرواهه ناهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اها پيپلز پارٽي آهي جيڪا آزاد ڪشمير جي خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ چونڊن کان پوءِ هڪ آئيني ڪنوينشن سڏايو ويندو ۽ سڀني سياسي قوتن کي گڏ ڪري مسئلي جو مستقل حل ڳوليو ويندو.