ڪراچي (پ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي صوبي ۾ سولر هوم سسٽم ايس ايڇ ايس ڪٽس جي ورڇ ۽ انسٽاليشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، جنهن سان گهٽ آمدني وارن گهرن کي صاف، سستي ۽ پائيدار توانائي فراهم ڪرڻ جي سندس حڪومت جي عزم کي ورجايو ويو، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس تي 18.206 ارب رپين جي سولر هوم سسٽم پراجيڪٽ جي اڳڀرائي بابت هڪ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي شروع ڪيل هن اقدام جو مقصد سڄي سنڌ ۾ 275،000 مستحق گهرن کي مفت سولر تي هلندڙ بجلي جا حل فراهم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ آف گرڊ ۽ پروٽيڪٽڊ آن گرڊ صارفين ٻئي شامل آهن، اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپال سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري انرجي شهاب انصاري، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر دادلو زهراڻي ۽ ٻين سينئر اختيارين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي پروجيڪٽ جي عملدرآمد، لاڀائيندڙن جي چونڊ، ضلعن جي لحاظ کان ورڇ، انسٽاليشن جي اڳڀرائي ۽ پروگرام جي متوقع سماجي-آقتصادي فائدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، توانائي کاتو سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) ذريعي 18.206 ارب رپين جي ڪل لاڳت سان ”غريب خاندانن لاءِ سولر هوم سسٽم (آف گرڊ/آن گرڊ)“ پروجيڪٽ تي عمل ڪري رهيو آهي، پروجيڪٽ تحت هر لاڀائيندڙ گهر کي هڪ مڪمل سولر هوم سسٽم پيڪيج ملي ٿو جنهن ۾ 180 واٽ جو سولر پينل، 30Ah ليٿيم آئرن فاسفيٽ (LiFePO4) بيٽري سان گڏ سينٽرل ڪنٽرول يونٽ (CCU)، چارج ڪنٽرولر ۽ موبائيل چارجنگ جي سهولت، هڪ 25 واٽ جو ڊي سي پيڊيسٽل فين (بيهڻ وارو پکو) ۽ ٽي 5 واٽ جون ايل اي ڊي لائيٽس شامل آهن، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته عملدرآمد جي رفتار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جنهن سان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 15،000 کان وڌيڪ سولر هوم سسٽم ڪٽس ورهايون ۽ لڳايون ويون آهن. وڏي پيماني تي انسٽاليشن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن، ٿر جي علائقن، ڪچي جي علائقن ۽ ڪراچي (اوڀر، سينٽرل، ڏکڻ، ملير، اولهه، ڪورنگي ۽ ڪياماڙي)، سانگهڙ، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، گھوٽڪي، شهيد بينظير آباد، نوشهرو فيروز، خيرپور، دادو، ميرپورخاص، ڄامشورو، بدين، ٺٽو، سجاول، قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، مٽياري، سکر، ڪشمور سميت ٻين ضلعن جي ڏورانهن برادرين ۾ مڪمل ڪيون ويون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هي پروجيڪٽ، جيڪو اپريل 2025 ۾ شروع ٿيو هو، جون 2027 تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آن گرڊ حصي لاءِ، لاڀائيندڙن جي چونڊ پروٽيڪٽڊ بجلي صارفين مان ڪئي پئي وڃي جيڪي هر مهيني 0 کان 100 يونٽ استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته آف گرڊ حصو ڏورانهن، ريگستاني، ڪوهستاني ۽ ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙ غريب گهرن کي نشانو بڻائي ٿو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) ۾ رجسٽرڊ ٿيل انهن خاندانن کي ترجيح ڏني پئي وڃي جن جو غربت جو اسڪور 0 کان 20 جي وچ ۾ آهي، هينئر تائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته سولر ڪٽس جي شفافيت، ڪارڪردگي ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن فائدا سڀ کان وڌيڪ مستحق خاندانن تائين پهچن، هي پراجيڪٽ رڳو بجلي فراهم ڪرڻ بابت ناهي؛ هي زندگين کي بهتر بڻائڻ، غربت کي گهٽائڻ ۽ انهن خاندانن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت آهي جيڪي عرصي کان قابل اعتماد توانائي جي رسائي کان محروم رهيا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڏورانهن ۽ محروم علائقن جي غريب گهرن کي مسلسل ترجيح ڏني وڃي جتي روايتي بجلي تائين رسائي محدود آهي، سولر هوم سسٽم پروجيڪٽ گڏيل قومن جي ڪيترن ئي پائيدار ترقي جي مقصدن (SDGs) سان مطابقت رکي ٿو، خاص طور تي اهي جيڪي سستي ۽ صاف توانائي، غربت جي خاتمي، موسمياتي عمل (ڪلائيميٽ ايڪشن) ۽ پائيدار برادرين سان لاڳاپيل آهن. وڏي وزير نوٽ ڪيو ته هي اقدام مٽيءَ جي تيل، ميڻ بتين ۽ بيٽري چارجنگ تي گهرو خرچن کي گهٽائيندو جنهن سان گهٽ آمدني وارن خاندانن لاءِ وڏي مالي ماهوار بچت ٿيندي. هي مٽيءَ جي تيل جي ڏيئن جي ڪري پيدا ٿيندڙ اندروني هوا جي آلودگي کي ختم ڪري ۽ ساهه جي بيمارين کي گهٽائي عوامي صحت کي به بهتر بڻائيندو، سولر سسٽم مان خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين کي فائدو ٿيڻ جو امڪان آهي.