بلوچستان جا معاملا سڌارڻ لاءِ حڪومت ڄاڻي واڻي غلطيون ڪيون

ڪراچي (عائشه صديقه) بلوچستان جي مسئلي جو سڀ کان خطرناڪ رخ اهو وار بزنس يا جنگي معيشت آهي جنهن نظام جي اندر پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري ڇڏيون آهن۔ هن تڪرار جي ڊگهاڻ ۾ انهن عنصرن جو گهرو مالي ۽ سياسي مفاد آهي جيڪي هن وقت مقتدر حلقن جو حصو آهن ۽ جيڪي بلوچستان جي حڪومت ۾ ويٺل آهن اهي پاڻ هن جنگ مان فائدو وٺي رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته جنگ جاري رهي، تنهن ڪري هي هڪ تلخ حقيقت آهي ته جڏهن جنگ هڪ منافعي وارو ڪاروبار بڻجي وڃي ته امن جي هر ڪوشش کي سبوتاژ ڪرڻ مقتدر طبقي جي مجبوري بڻجي وڃي ٿي جڏهن ته هن سلسلي ۾ اهي نام نهاد صحافي به برابر جا شريڪ آهن جيڪي لڳاتار  عسڪري طاقت جي استعمال جو بيانيو وڪڻن ٿا ۽ هي گروهه ڄاڻي واڻي اهڙيون حالتون پيدا ڪري ٿو جتي سياسي ڳالهين بدران صرف بندوق جي ٻولي کي واحد حل طور پيش ڪيو وڃي ته جيئن انهن جا مفاد محفوظ رهي سگهن۔ ٻي طرف پاڪستان ۾ هڪ مخصوص طبقو هن خوش فهمي جو شڪار آهي ته بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جهڙين تنظيمن کي صرف ڪائنيٽڪ مينز يعني عسڪري طاقت سان ڪچلي سگهجي ٿو، پر تاريخ اهو سبق ڏئي ٿي ته غير متناسب جنگي حڪمت عملي ۾ هڪ روايتي فوج هميشه ڪمزور پوزيشن تي هوندي آهي جنهن جو ثبوت عالمي تجربن ۾ آمريڪا جهڙي سپر پاور جي ويتنام ۽ افغانستان ۾ عبرتناڪ ناڪامي آهي ته صرف عسڪري طاقت سان نظرياتي يا سياسي بغاوت کي ختم نٿو ڪري سگهجي، بلڪه پاڪستان جهڙي نحيف ۽ تباه حال معيشت لاءِ ڊگهي مدي وارا عسڪري آپريشن تباه ڪندڙ نتيجا کڻي اچن ٿا ۽ ڪائنيٽڪ آپشن تي حد کان وڌيڪ انحصار نه صرف معاشي ديواليه پن ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي پر ان کي هڪ وڏي غلطي قرار ڏنو ويو آهي جيڪا رياست کي وڌيڪ دلدل ۾ ڌڪي رهي آهي۔ وڌيڪ برآں بلوچستان ۾ سياسي عمل جي پسماندگي ۽ سول بالادستي جو زوال هن بحران جي اصل جڙ آهي ڇاڪاڻ ته 2013 ۾ نواز شريف حڪومت پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جي بهتري ۽ عدم مداخلت جو جيڪو ويزن پيش ڪيو هو ان کي مقتدر حلقن پنپڻ نه ڏنو ۽ هاڻي صورتحال اها آهي ته صرف خارجه پاليسي نه پر ملڪ جي پوري سياست عسڪري پاليسي جي تابع ٿي چڪي آهي، جڏهن توهان جا سياسي ۽ سفارتي لاڳاپا ڪمزور ٿين ٿا ته توهان جا پاڙيسري متبادل رستا ڳولي وٺن ٿا، اهڙي طرح اسلام آباد جي نااهلي ان کي اهڙي مقام تي بيهاري ڇڏيو آهي جتي اهو پنهنجي اولهه واري بارڊر تي اثر و رسوخ وڃائي رهيو آهي۔ بلوچستان جي بحران جو حل سرحدن تي وڌيڪ پهرا ڏيڻ يا طاقت جو توازن بگاڙڻ ۾ نه پر ايماندارانه اندروني صفائي ۾ لڪل آهي ۽ اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته اسان جون اڳوڻيون پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي اسان کي پنهنجين غلطين جي سڌار ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته جيستائين اسين پنهنجي نظام اندر موجود انهن مافياز ۽ بيانيو ٺاهيندڙن جو احتساب نٿا ڪريون جيڪي جنگ مان فائدو وٺن ٿا، امن رڳو هڪ خواب ئي رهندو۔

 

You might also like