آبنائي هرمز تي هلندڙ جنگ ۽ آمريڪي اتحادين تي ٿيندڙ حملا

اعجاز ممنائي

آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته حملن جو مقصد آبنائي هرمز ۾ جهازن خلاف ڪارروائي جي صلاحيت ڪمزور ڪرڻ آهي. ايراني ميڊيا موجب ڏکڻ ۽ مغربي ايران جي وسيع علائقن کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) ٻڌايو ته هن ايران تي پنهنجن تازي حملن ۾ ايئر ڊفينس سسٽم ۽ ريڊار سائيٽس سميت درجنين هنڌن کي نشانو بڻايو آهي.ان کان اڳ آبنائي هرمز تي ٻيهر جنگ ڇڙڻ کان پوءِ ايران آمريڪا جي ڪيترن ئي خليجي اتحادين کي حملن جو نشانو بڻايو.

تازو جهيڙو واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ طئي ٿيل عارضي معاهدي کي ڪمزور ڪندڙ تازو واقعو آهي. فيبروري جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ هن جنگ عالمي معيشت کي سخت جهٽڪا ڏنا آهن.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته آمريڪي فوج جا تازا حملا گرينچ معياري وقت موجب آچر تي رات 9 وڳي شروع ٿيا. گذريل رات لڳ ڀڳ 140 حملا ڪيا ويا. انهن تازن حملن ۾ آمريڪي فوجن موجب انهن ايران جي ايئر ڊفينس سسٽم، ڪوسٽل ريڊار سائيٽس، ميزائل ۽ ڊرون تنصيبات سميت ننڍين ٻيڙين کي پهريون ڀيرو هوائي ۽ بحري ڊرونز سان به نشانو بڻايو.اي ايف پي ايران جي سرڪاري ميڊيا جو حوالي ڏيندي رپورٽ ڪئي آهي ته پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته فورس اردن، بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي فوجي هدفن ۽ اڊن کي نشانو بڻايو آهي.  سرڪاري خابرو  اداري ارنا پاسداران انقلاب جي ڪيترن بيانن جو حوالي ڏيندي ٻڌايو ته انهن اردن ۾ پرنس حسن ايئر بيس، بحرين ۾ آمريڪي فوج جي ڊرون ڪمانڊ سينٽر ۽ ڪويت ۾ علي السالم سميت ڪيترن هوائي اڊن تي حملا ڪيا.ايران جي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو ته آمريڪي حملن ۾ ڏکڻ ۽ مغربي ايران جي وسيع علائقن کي نشانو بڻايو ويو، جن ۾ آبنائے هرمز جي ويجهو ٻيٽ قشم ۽ بندر عباس کان علاوه عراق جي سرحد سان ملندڙ صوبو خوزستان به شامل آهي.

ايراني ميڊيا موجب ملڪ جي ڏکڻ مغربي علائقي ۾ آمريڪي حملن ۾ هڪ شخص فوت ٿيو ۽ چار زخمي ٿيا. سرڪاري خبر رسان ايجنسي ارنا صوبو خوزستان جي سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ معاملن جي ڊپٽي گورنر ولي الله حياتي جي حوالي سان ٻڌايو ته ’سومر جي صبح آمريڪي دشمن جي حملي جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿيو ۽ چار ٻيا زخمي ٿيا. ايران آمريڪا معاهدي جي اعلان کان پوءِ تيل جي قيمتن ۾ چڱي خاصي گهٽتائي آئي هئي، جڏهن ته ٽوڪيو ۾ مستقبل جي سودن جي واپار شروع ٿيڻ سان ئي قيمتون ساڍا ٽي سيڪڙو کان وڌيڪ وڌي ويون. آمريڪا جي معياري تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي قيمت 74 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي وئي.ايران اهو به ٻڌايو ته سندس ٻن ڏاکڻي ٻيٽن تي حملا ڪيا ويا. ٻئي طرف ڪويت چيو ته ان جي سرحدي چوڪين ۽ سمنڊ ۾ قائم تيل جي پليٽ فارم کي نشانو بڻايو ويو. ايران ان کان اڳ به ڪويت ۾ آمريڪي تنصيبات کي ڪيترائي ڀيرا نشانو بڻائي چڪو آهي.

ويڙهه ٻيهر ان وقت شروع ٿي جڏهن ايران تي علي الصبح آبنائي هرمز ۾ هڪ واپاري جهاز تي حملو ڪيو. جهاز ۾ باھ لڳڻ کان پوءِ عملداري کي ان کي ڇڏڻو پيو.ايران جي سرڪاري خبر رسان ايجنسي ارنا موجب پاسداران انقلاب واقعي کان پوءِ چيو، ’آبنائي هرمز وڌيڪ اطلاع تائين ۽ هن علائقي ۾ آمريڪي مداخلت جي خاتمي تائين بند رهندي.‘ ان جي جواب ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايڪس تي چيو ته آبنائي هرمز ’قانون موجب هتي کان گذرندڙ سڀني جهازن لاءِ کليل آهي.‘ جڏهن ته آمريڪي فوجي ڪمانڊ وڌيڪ چيو ته آمريڪي فوجون آزاداڻي جهاز راني يقيني بڻائڻ لاءِ ’موجود ۽ تيار آهن. آبنائي هرمز ايران جي ڪنٽرول ۾ نه آهي. جهازن جي آمدورفت جاري آهي.‘ هن اهم آبي گزرگاهه تي ڪنٽرول ايران لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو هڪ اهم ذريعو بڻجي ويو آهي. ايران جي سپريم ليڊر جي هڪ صلاحڪار چيو ته اهو ’درجنين ايٽمي بمبن‘ کان به وڌيڪ اهم آهي.صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هن هفتي جنگبندي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ ثالث جنگ ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي حل بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.ايران جي وزارت خارجا چيو ته آمريڪي حملن ’آبنائي هرمز کي ٻيهر غير محفوظ ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ڪري ڇڏيون آهن.‘ ايسو سي ايٽڊ پريس (اي پي) موجب آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته حملن جو مقصد آبنائي هرمز کان قانوني طور تي گذرندڙ واپاري جهازن تي حملو ڪرڻ جي ايران جي صلاحيت کي ڪمزور ڪرڻ آهي.هي بيان ايران ۾ جاري رهندڙ حملن جي ٽئين مرحلي کان پوءِ سامهون آيو.ايران جي سرڪاري ميڊيا تازي حملن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪيترن هنڌن تي ڌماڪا ٿيا آهن.آبنائي هرمز جي ويجهو واقع ٻيٽ قشم جي گورنر ارنا کي ٻڌايو ته آمريڪي فوج فوجي هدفن تي ميزائل فائر ڪيا پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ساحلي شهر بندر عباس ۽ ان جي اتر ۾ واقع شهر حاجي آباد ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.هڪ آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته ڪجهه حملن ۾ ايراني ميزائل نظام، هوائي دفاعي نظام ۽ پاسداران انقلاب جي ٻيڙين کي نشانو بڻايو ويو.

ايران ڳالهين جي اڌ کان وڌيڪ جنگ انهيءَ ڏينهن کٽي ورتي هئي جڏهن ايران آمريڪا سان سڌين ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ايران آمريڪا کي ايترو جهڪائي ڇڏيو جو ڳالهين لاءِ ميدان جو چونڊ به عمان پنهنجي مرضيءَ سان ڪيو ۽ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به جج جو ڪردار پنهنجي مرضيءَ سان عمان کي ڏنو.

ايران سڌن سڌ ڳالهين لاءِ آمريڪا اڳيان ٽي شرط پيش ڪري ڇڏيا:

  1. فلسطين ۾ مستقل جنگبندي
  2. اسرائيلي فوجين جي غزه مان نيڪالي
  3. وچ اوڀر کي نيوڪليئر فري زون قرار ڏيڻ يعني ترڪي ۾ موجود انجرلڪ ايئر بيس تان آمريڪي ايٽمي هٿيارن جو انخلا ۽ اسرائيل جي ايٽمي هٿيارن جو خاتمو۔ ايران سڀني عالمي پابندين جي خاتمي سميت 120 ارب ڊالر کان وڌيڪ منجهيل رقمن جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي. جوهري پروگرام جي ليبيا جي نموني مڪمل خاتمي کان انڪار ڪيو، ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۽ مزاحمتي تنظيمن تي ڳالهه ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي.جيڪڏهن آمريڪا سڌيون ڳالهين ڪندو ته اهو ايران جي شرطن تي ذليل ۽ رسوا ٿيندو. آمريڪا کي ڇا ملندو؟ ايران کي 5 سيڪڙو جوهري پروگرام جي اجازت ڏيڻ جا به شرط شامل آهن. پر ايران اسيمبليء تازو هڪ قرارداد وسيلي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي ائٽم بم ٺاهڻ ۽ آمريڪا کان انتقام وٺڻو پوندو۔ان قراردادن عالمي دنيا لاء نوان چيلينجز سامهون آندا آهن۔ ياد رهي ته ايران جيڪو چيو آهي اهو ڪري ڏيکاريو آهي۔

 

You might also like