سعيد ميمڻ جي آزادي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ڏنڊ ڀريو ويو

ڪراچي(ارباب چانڊيو) بلوچستان ۾ اغوا ٿيل سعيد ميمڻ جي بازيابي بابت معلوم ٿيو آهي ته هن کي ڏنڊ جي رقم ڏهه ڪروڙ ملڻ عيوض آزاد ڪيو ويو آهي. سعيد ميمڻ جنهن جي باري ۾ توهان کي علم ٿي چڪو آهي ته 60 ڏينهن بلوچستان ۾ مختلف حوالن سان قيد رهيو، اغوا ٿي ويو هو ۽ 60 ڏينهن کان پوءِ  ان کي جنهن حالت ۾ آندو ويو ۽ ان وقت جتي اسپتال ۾ آهي، اها ڳالهه ته توهان جي سامهون کلي اچي ئي وئي آهي. هاڻي ٿيو ائين آهي ته سعيد ميمڻ جي  آزادي لاءِ ڏنڊ ڀريو ويو آهي. جن ماڻهن اغوا ڪيو هو، انهن جو ماڻهو سعيد ميمڻ وارن جي ماڻهن هٿان مارجي ويو هو. بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ اختر مينگل صاحب به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي هئي ته ائين ٿيو هو. هاڻي معاملو اغوا کان هٽي ڪري ان اغواڪارن جو جيڪو نوجوان جيڪو زهري قبيلي مان هو، ان جي مارجي وڃڻ جو ٿيو. هاڻي اغواڪارن جو اهو هو ته ڇاڪاڻ ته اغوا پنهنجو معاملو الڳ جاءِ تي آهي اغوا جو، اهو ڇو ٿيو هو. اغواڪندڙن  اها هاڻي گهر ڪئي ته اسان کي پنهنجي مارجي ويل ساٿي جو بدلو گهرجي. جيڪڏهن توهان سنڌيءَ ۾ چئو ته هڪڙي مطلب راڄوڻي ٿيندو آهي. هاڻي راڄوڻي جو اردو ۾ مطلب اهو هوندو آهي ته هي پنچايت توهان سمجهو يا جرڳو سمجهو ته ان دوران جيڪو آهي اهو ٻنهي طرفن کان جن ماڻهن پاڻ ۾ ڳالهه ڪئي، انهن ٻنهي جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان ڪٿي نه ڪٿي جڙي ٿو. بلوچستان جا به ماڻهو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان جڙيل آهن، سنڌ جا ماڻهو به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان جڙيل آهن. جن شخصيتن ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ڏنڊ جي ادائيگيءَ ۾ ۽ ڏنڊ ڪيترو هو، اهو به مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ٿو. جن شخصيتن ان ۾ ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ هڪ شخصيت جو تعلق اڳوڻو ايم پي اي آهي، انهن جو تعلق ڄامشورو کان ٻڌايو وڃي ٿو، هڪ شخصيت جيڪا پير گهراڻي مان آهي ان جو تعلق سڪرنڊ مان ٻڌايو وڃي ٿو، هڪ شخصيت جنهن جو تعلق تعليمي ادارن سان آهي، اهي قومپرست اڳواڻ به رهي چڪا آهن مختلف حوالن سان، انهن جو تعلق حيدرآباد مان ٻڌايو وڃي ٿو. هڪ ٻي شخصيت جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ مان آهي، انهن جو تعلق به سنڌ جي وچولي يعني هالا جي ويجهو ويجهو علائقي مان ٻڌايو وڃي ٿو. انهن سڀني اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن سڀني کي ان ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ جنهن وڏي شخصيت گهڻو ان ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي اها ان جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اهم وڏي خاتون ليڊر جيڪي آهن، انهن به پنهنجو ان ۾ پنهنجو ان پٽ ڏنو آهي ۽ جيڪو اسان کي ذريعن ٻڌايو جيڪي وچ ۾ ان سڄي معاملي ۾ هئا ۽ جيڪي جيڪي ان پوري سڀ ان سرچاءَ واري پاليسي کي وٺي اڳتي وڌي رهيا هئا ۽ هي جيڪو هي جيڪو چٽي سنڌيءَ ۾ چوندا آهن چٽي ادا ڪئي آهي، خون جي عيوض يعني جيڪو انهن جو خون ٿيو هو انهن جي بدلي ۾ جيڪا رقم ادا ڪئي وئي آهي، ان معاملي ۾ سڀ جيڪي ماڻهو موجود هئا، انهن جي مطابق اها آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ وڏي خاتون بااثر خاتون شخصيت ان ۾ تمام اهم رول ادا ڪيو ۽ جيڪا ڏنڊ جي رقم ادا ڪئي وئي اها رقم جيڪا آهي سوراب جي هڪ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ئي عهديدار جي ذريعي ڏني وئي اغوا ڪارن چيو ته جيڪو اسان جو ماڻهو مارجي ويو آهي ان جو جيڪو چٽي آهي، ان جا جيڪي ڏنڊ آهن، ان جا جيڪي خون بها آهن، جنهن کي سنڌيءَ ۾ چوندا آهن، اهو جيڪو آهي توهان کي ڏيڻو پوندو. پوءِ بعد ۾ طئي اهو ٿيو ته جي 10 ڪروڙ رپين جي رقم جيڪا آهي ان تي ڳالهه وڃي ٽڪي. 10 ڪروڙ رپين جي رقم مان اڌ رقم جيڪا آهي اها مون چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اهم وڏي شخصيت جيڪا خاتون وڏي شخصيت آهي انهن ان ۾ تمام اهم ڪردار ڪيو، اڌ رقم جيڪا آهي اها ڪنهن طريقي سان وارثن يا انهن ماڻهن تائين پهچائي جيڪي ماڻهو سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا هئا. باقي رقم جيڪا آهي اها سعيد ميمڻ جي پنهنجي جيڪي گهر وارا آهن، انهن ڪجهه پلاٽ، ڪجهه ملڪيتون، ڪجهه شيون، ڪجهه انهن جي دوستن جيڪا آهي مدد ڪري، ڪو 10 ڪروڙ رپين جو ڏنڊ جيڪو آهي اهي ان جي بازيابي لاءِ انهن ادا ڪيو آهي.

 

You might also like