حيدرآباد (پ_ر) پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر پنجاب جا حڪمران چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنالن ۾ زبردستي پاڻي کڻي رهيا آهن، اهڙي ظلم تي سنڌ جا حڪمران مڪمل خاموش آهن. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل بيان ۾ ڪيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت هٿرادو کوٽ برقرار هجڻ باوجود پنجاب جي حڪمرانن تڪراري جهلم لنڪ ڪئنال ۾ 6587 ڪيوسڪ ۽ تونسا پنجند ڪئنال ۾ 6466 ڪيوسڪ پاڻي زبردستي وهائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته قانوني معاهدن تحت هي ٻئي ڪئنال صرف ٻوڏ جي صورت ۾ ۽ سنڌ جي اجازت کانپوءِ وهائڻا آهن پر پنجاب جا حڪمران انهن ڌاڙيل ڪئنالن ذريعي ٻارهن ئي مهينا پاڻي وهائي رهيا آهن. پنجاب جي حڪمرانن 1991ع جي پاڻي معاهدي کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو آهي ۽ اهي ڪنهن به پاڻي معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته پنجاب جي حڪمرانن ڏيڍ صدي کان وٺي سنڌ جي پاڻي تي مسلسل ڌاڙا هنيا آهن ۽ هو سنڌ کي پنهنجو فتح ڪيل علائقو سمجهن ٿا. سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙن ۾ سنڌ جا حڪمران برابر جا شريڪ آهن. هن وقت جڏهن سنڌ کي پاڻي جي سخت ضرورت آهي، تڏهن پنجاب جي حڪمرانن چشما جهلم ۽ تونسا پنجند جهڙن ٻن ڌاڙيل واهن مان زبردستي پاڻي کڻڻ شروع ڪيو آهي پر سنڌ جا بي حس حڪمران هن ظلم تي هڪ اکر به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن. اڳواڻن چيو آهي ته پنجاب جا حڪمران سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ بند ڪن. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي صورتحال پنجاب جي حڪمرانن هٿ وٺي خراب ڪئي آهي. پنجاب جا حڪمران پنهنجي هٺ ڌرمي، ظلم ۽ جبر ڪرڻ وارين ڪارروائن تي قائم رهيا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي.