چمبڙ مدرسي ۾ قتل ٿيل نينگر جو ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار

ٽنڊوالھيار (رپورٽ : حسرت لغار) پوليس چمبڙ جي مدرسي ۾ پڙھندڙ شهيد عمران علي ڪورائي ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ايس ايس پي ٽنڊو اليهار موجب مدرسي جي انتظاميا ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪنهن به دٻاءُ کي قبول نه ڪيو ويندو، هر رخ کان معاملي جي جاچ ٿيندي، جيڪو به ماڻهو ڪو ادارو کولي ٿو يا مدرسو کولي ٿو ته ان جي ذميواري آهي ته ٻارڙن کي تحفظ ڏيئي ۽ ايس او پيز تي عمل ڪري، مدرسو هر ڳالهه ۾ ناڪام رهيو آهي، مدرسي کي سيل ڪيو ويو آهي، سٺو ڪم ڪندڙ ادارن کي بدنام ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ وارثن موجب ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن ڪيل ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو، شهيد عمران علي جي والد علي نواز ڪورائي جي فرياد تي ملوث جوابدارن نورعلي ٻٻر ۽ کٿابي شيلا ڪاريو عرف رياض شيخ خلاف چمبڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، عمران ڪورائي جي وارث خان محمد ڪورائي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته شاگرد عمران ڪورائي جو آئون ڏاڏو به  ٿيان ۽ نانو به. خان محمد ڪورائي موجب عمران ڪورائي سان ظلم ڪندڙ سندس مدرسي جا ماڻھو نڪتا آهن،  18 ورھين جو نور علي ولد نور محمد ٻٻر ۽ 25 ورھين جو رياض علي ڪاريو عرف شيخ آھن. پوليس ۽ وارثن موجب ملوث ڄاڻايل جوابدارن ڪيل ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاھ، ايس ايڇ او چمبڙ شڪيل احمد جٽ، ايس ايڇ او عمر ساند رياض احمد سومرو، ايس ايڇ او سنجر چانگ منظور نهڙيو سميت چمبڙ ۽ ٽنڊوالهيار جي صحافين، سموري سنڌ جي انسان دوست ماڻھن پڻ مقتول سان ٿيل ظلم جي سلسلي م ڀرپور ساٿ ڏنو. خان محمد ڪورائي وڌيڪ چيو ته اسان پوليس جي ھاڻ تائين جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيون ۽ پر اميد آھيون ته پوليس ۽ عدالت اسان سان انصاف ڪندي، ايس ايس پي ٽنڊو الهيار جو پريس ڪانفرنس ۾ چوڻ هو ته انتظاميا ٻارڙي جي زيادتي ۽ قتل واقعي ۾ لاپرواهي ڪئي آهي، ايس او پيز تي عمل ناهي ٿيو، جيڪي ادارا سٺو ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي به بدنام ڪيو ويو آهي، معاملي جي هر پاسي کان جاچ جاري آهي، مدرسو سيل ڪيو ويو آهي،  کٿابي کي زهر ڏئي زيادتي ڪري قتل ڪيو ويو، معاملي ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث نڪرندا انهن کي بخش نه ڪيو ويندو.

 

You might also like