وفاق غير آئيني طور صوبن جا فنڊ پاڻ پيو کڻي، 960 ارب رپين جي ڌاڙي جي تياري آهي:ساڃاهه وند

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ): سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو آهي ته جلال پور ڪينال کولڻ غيرقانوني قدم آهي، جڏهن ته ملڪ اڳ ئي سخت پاڻي کوٽ جو شڪار آهي، تنهن ڪري نوان  ڪينال تعمير يا کولڻ قبول جوڳو ناهي. هن اها ڳالهه ميرپورخاص جي دوري دوران تعلقي حسين بخش مري جي هڪ ڳوٺ ۾ "قومي ڪچهري” جي عنوان سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. سيد زين شاهه چيو ته صوبائي اسيمبلين ۽ حڪومتن سرپلس ۽ گرانٽن جي مد ۾ پنهنجا ڪيترائي اختيار ۽ وسيلا وفاق حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب صوبن ۾ ترقياتي ۽ تحقيقي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن. هن الزام هنيو ته بلدياتي ادارن جي جوڙجڪ ذريعي قومي وحدتن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته عوام کي آگاهه ڪيو پيو وڃي ته سندن ڪجهه سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن عوامي حقن جو سودو ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده سياسي نظام يرغمال بڻيل آهي، مخالف ڌر کي آزاد سياست ڪرڻ جي اجازت ناهي ۽ ملڪ ۾ سول مارشل لا جهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته عدالتي نظام ۽ صحافت به دٻاءَ ۽ ڪنٽرول هيٺ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جلال پور ڪينال منصوبي ذريعي خوشاب ۽ پنڊ دادن خان جي علائقن ۾ لڳ ڀڳ ٻه لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي، پر موجوده آبي نظام ۾ اڳ ئي سخت پاڻي کوٽ موجود آهي، تنهن ڪري نوان ڪينال ٺاهڻ يا کولڻ سنڌ جي مفادن خلاف آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به چناب تي ڊيم ٺاهي اتان چولستان کي آباد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. سيد زين شاهه چيو ته ڇهن تڪراري ڪينال منصوبن ۾ چولستان ڪينال به شامل آهي، جڏهن ته سندن جماعت گريٽر ٿل ڪينال، چوباره ڪينال، ريني ڪينال، چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال ٽو ۽ ڪچهي ڪينال ٽو سميت سڀني تڪراري ڪينال منصوبن جي مخالفت جاري رکندي.

عمرڪوٽ ( ڊ ر ) عمرڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي اهتمام هيٺ پاڻي جي کوٽ، اين ايف سي ايوارڊ، نون ڪئنالن ۽ سنڌ جي وسيلن بابت هڪ اهم سيمينار منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايس يو پي سربراهه سيد  زين شاهه، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لال مالهي، ٽيل آبادگارن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ زاهد نون، عمرڪوٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اظهر آرائين، رمضان ابڙو، جي ايم ڀڳت، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ غازي خان سمون، امير آزاد پنهور، ايڊووڪيٽ يوسف منڱريو، اسلام الدين راهمون، صحافي الياس ٿري، رمضان ٻرڙو، امير بخش ٿيٻو، پروفيسر عبدالرئوف سومرو، انڊس ايگريڪلچر فورم جي اڳواڻ ڌنيش مالهي، ڪامريڊ روشن منڱريو، امتياز ڪنڀر سميت شهرين ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار کي خطاب ڪندي ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست ۾ پيٽروليم ليوي جو سمورو ٽيڪس وفاق پنهنجي قبضي ۾ رکيو آهي، جنهن سبب صوبن جو حصو ختم ٿي ويو آهي، هن الزام هنيو ته وفاقي حڪومت صوبن کان ايندڙ ٽن سالن دوران 960 ارب رپيا آئين کي نظرانداز ڪندي وصول ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت به ان عمل تي اعتراض ڪرڻ بدران ترقياتي بجيٽ مان بچت ڏيکارڻ تي راضي ٿي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ مختص فنڊ گهٽايا پيا وڃن، جڏهن ته وفاق اهي وسيلا دفاع ۽ پاڻي منصوبن تي خرچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، سيد زين شاهه دعويٰ ڪئي ته سنڌ ۾ اڳ ئي سرڪاري انگن موجب 29 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ موجود آهي، جيڪڏهن نوان ڪئنال تعمير ڪيا ويا ته اها کوٽ وڌيڪَ وڌي ويندي، سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ آبپاشي لائق زمين پاڻي جي دستياب مقدار کان ٻيڻي آهي، تنهن ڪري نئين ڪمانڊ ايريا آباد ڪرڻ جون رٿائون حقيقتن جي ابتڙ آهن، هن وفاق تي سنڌ جو پاڻي غيرقانوني طور ٻين علائقن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو الزام پڻ هنيو ۽ مطالبو ڪيو ته ماحولياتي تحفظ لاءِ ٻيلا بحال ڪيا وڃن ۽ ٿر ڪول سميت صنعتي منصوبن مان پيدا ٿيندڙ آلودگي تي ضابطو آندو وڃي، ايس يو پي سربراهه وڌيڪَ چيو ته گرين انيشيئيٽو جي نالي تي سنڌ جي مختلف ضلعن جون زمينون ڪمپنين کي الاٽ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته انهن زمينن تي پهريون حق مقامي آبادگارن جو آهي، هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سميت ٻين ادارن ۾ به سڌارن جي ضرورت آهي ۽ رڳو بيانن سان نه پر عملي قدم کڻڻ گهرجن، ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لال مالهي چيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي کي شديد خطرا درپيش آهن ۽ موجوده حالتن کي غيراعلانيه مارشل لا قرار ڏئي سگهجي ٿو، هن الزام هنيو ته آئين جي تحفظ جون دعوائون ڪندڙ قوتون پاڻ ئي آئيني اصولن جي ڀڃڪڙي ۾ شامل آهن، لال مالهي چيو ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جا خدشا جائز آهن ۽ نون ڪئنالن جي تعمير سنڌ جي زرعي ۽ معاشي مفادن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي، هن ڇهن ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڻي جي ورهاست آئين ۽ بين الصوبائي اتفاق راءِ موجب ٿيڻ گهرجي، سيمينار جي پڄاڻي تي اڳواڻن وفاقي پاليسين تي نظرثاني، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حقن جي تحفظ، پاڻي جي منصفاڻي ورهاست، سنڌ جي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي حقن جي ضمانت ۽ نون ڪئنالن سميت متنازع منصوبن بابت عوامي مشاورت کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like