سکر (رپورٽ: فرمان سھتو) پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل ٻارڙن جي آزادي لاءِ جدوجهد تيز ٿي وئي، لڳايل ڌرڻو قومي شاھراھ تي منتقل ٿي ويو، ٻٻرلوءِ وٽان روڊ جا ٻئي پاسا بند ٿي ويا، پريا ايڪشن ڪميٽي پاران لياقت جلباڻي، سھڻي پارس ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اعلانيل ڌرڻو لڳايو ويو، مغوي ٻارڙن جا وارث، قومي ڪارڪن، وڪيل، سول سوسائٽي اڳواڻ وڏي انگ ۾ پھچي ويا، ڌرڻي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان جي اڳواڻ پنھل ساريو، رواداري تحريڪ جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، شھناز شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ پھتا، ڪنڊيارو مان پيرين پنڌ نڪتل قافلو پڻ ٻٻرلوءِ پھچي ويو، ان موقعي تي پريا ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر لياقت جلباڻي چيو ته سنڌ مان ھيترا ٻار گم ٿي ويا وارث رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پيا پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بي خبر آهن، پوليس ھن جديد دور ۾ ڀي وڏيرن جي ڪمداري ۾ رڌل آهي ته ماڻهن کي تحفظ ڪير ڏيندو، سندن ڌرڻو سڀ کان پھريان ڪماري ۽ ان کان پوءِ آخري ٻار جي واپس اچڻ تائين جاري رھندو، ھن ڌرڻي مڪمل ٿيڻ بعد به پريا ايڪشن ڪميٽي ٻارڙن جي تحفظ لاءِ جدوجھد جاري رکيو ايندي، لياقت جلباڻي چيو ته پھريان اسان پريا ڪماري لاءِ احتجاج ڪيون پيا ھاڻي پريا جي والدين کي ھيسائڻ لاءِ پڻ احتجاج ڪرڻو پوندو، ايڊوڪيٽ ھما عباسي چيو ته اڄ تائين ٺھندڙ جي آءِ ٽيز ڪنھن نتيجي تي پھتيون آهي جو ھاڻي جي آءِ ٽي ڪو نتيجو ڏيندي، جيستائين مائرون ويھنديون اسين ساڻن گڏ ڌرڻي تي ويٺل رھنداسين، ھوڏانھن شا۾ ڌاري قومي شاھراھ جي بند ٿيڻ سان ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون بيھجي ويون، جڏهن ته مرد ۽ ليڊيز پوليس پڻ وڏي تعداد ۾ ڌرڻي واري ھنڌ پھتل آهي.
ٻار اغوا ٿيل آهن، بازيابي تائين احتجاج ختم نه ڪنداسين: وارث
ٻٻرلوءِ (عوامي آواز نيوز) پريا ڪماري، اجالا پروين ۽ ٻين جي ٻارڙن جي آزادي لاءِ هنيل ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻي ۾ اجالا پروين جي امڙ ۽ ٻين ٻارڙن جا وارث شريڪ ٿيا، ڌرڻي ۾ پوليس جا اٽالا پڻ هتا، ڌرڻي ۾ ماحول سوڳوار بڻيل آهي، اجالا پروين جي امڙ درد ڀريون دانهون ڪندي چيو ته ٻار اغوا ٿيل آهن، انهن جي آزادي تائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، هن چيو ته نياڻي کي آزاد ڪرايو وڃي، مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رهندو.
ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو راشن يا ٽينٽ لاءِ نه پر ٻچڙن جي واپسي لاءِ آهي: رابيل ڦلپوٽو
سکر: ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻي ۾ شامل خيرپور جي سماجي اڳواڻ رابيل گل ڦلپوٽو چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو راشن يا ٽينٽ لاءِ نه پر ٻچڙن جي واپسيءَ لاءِ آھي، سنڌ حڪومت پنهنجي سموري توانائي ٻٻرلوءِ ڌرڻو ختم ڪرائڻ بدران گم ٿيل معصوم ٻارڙن جي ڳولا ۽ بازيابي تي لڳائي، ته وڌيڪ بهتر ٿيندو، هن چيو ته ڌرڻو جاري رهندو يا جلد ختم ٿي ويندو ان جو فيصلو ته پريا ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل اڳواڻ ڪندا، اسان ته علائقي جي حساب سان ۽ همدردي طور ٻارڙن جي آزادي لاءِ شريڪ ٿيا آهيون، اغوا ٿيل ٻارڙن کي آزاد ڪرايو وڃي، هنن پنهنجي لاءِ ڌرڻو ناهي لڳايو، حڪمرانن کي اپيلون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ٻار آزاد ناهن ٿي سگهيا، انتظاميا امن جي سلسلي ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پوليس ننڊ پئي آهي.
ڪنڌڪوٽ ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي سان ٻڌي طور جسقم، شهري اتحاد ۽ جماعت اسلامي جا ڌرڻا
ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ پريا ڪمار سميت اغوا ٿيل ٻارڙن جي آزادي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي وارن سان ٻڌي لاءِ ڪنڌ ڪوٽ گھنٽا گھر تي شاميانو ھڻي شھري اتحاد ۽ جماعت اسلامي پاران ڪئمپ لڳائي وئي جتي سوين شھرين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھيندي ڊاڪٽر ميھر چند، ظريت بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، چندر لال، شاھنواز مرھٽو ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار آخر سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلن ۽ ناانصافين تي خاموش ڇو آهي معصوم ٻار گم آهن وارثن جي گھرن ۾ قيامت جا منظر آهن پر وس وارن ۽ سنڌ سرڪار کي ڪجھه نظر ھي نه ٿو اچي ٻارن کي بازياب ڪرائڻ بدران سرڪار پنهنجي طاقت جو زور آزمائي وارثن کي پريشر ۽ ڌمڪيون ڏئي لڳل ڌرڻي کان پري ڪري ڇڏيو آهي، معصوم پريا ڪماري جي والد راج ڪمار تي ھندو پنچايت جي سکر جي مکي ايشور لال ذريعي ڌمڪائي ڌرڻي کان لاتعلقي ڪرائي وئي آهي پر ھي تحريڪ سنڌ جي باشعور طبقي جي تحريڪ آهي جيڪا ٻارن جي بازيابي ضرور ڪرائيندي اسين وفد جي صورت ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ به شامل ٿينداسين، سکر جي نااھل ايس ايس پي خلاف ڀرپور تحريڪ ھلائي پريا ڪماري سميت اغوا ٿيلن ٻارن کي بازياب ڪرائڻ تائين جاري رھندي، ٻئي پاسي جسقم پاران پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل ٻارن جي آزادي لاءِ پريس ڪلب آڏو والي ڏنو سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳايو ويو، ان موقعي موقعي پريا ڪماري، اجالا سولنگي، فضيلا سرڪي سميت ٻين ٻارڙن جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت کي سڀ ڪجهھ خبر آهي ته پريا ڪماري ڪٿي آهي ڪنھن وٺ آهي پر افسوس جي ڳالھ آهي نياڻي بازياب نه پئي ڪراچي وڃي، سمورن ٻارڙن کي آزاد ڪرايو وڃي.
مکي ايشور کي ڪال آئي ۽ ڌرڻي مان اُٿڻ لاءِ چيائين:پريا جو والد
سکر (عوامي آواز نيوز) پريا ڪماري جي والد راج ڪمار چيو آهي ته پريا ڪماري جي بازيابي ۾ هندو پنچائت ساٿ نه پئي ڏئي، مکي ايشور لعل هندو پنچائت کي ساٿ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، فون ڪندو آهيان ته ڪال به ناهي کڻندو، چوندو آهي ته چپ ڪري ويهي رهو، خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، ان ۾ پريا ڪماري جي والد راج ڪمار چيو ته نياڻي پريا جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻو به مکي ايشور خبر ناهي ڪنهن جي فون ڪال اچڻ بعد اٿڻ لاءِ چيو، سمجهي ويو آهيان ته پوج هندو پنچائت جي مکي جو ساٿ ڏيڻ جو ارادو ناهي، ڏکئي وقت ۾ به هندو پنچائت ڪم نه پئي اچي، نياڻي کي آزاد ڪرايو وڃي.
ٻچڙا واپس ملڻ تائين نه اُٿنداسين:سنڌو نواز گهانگهرو
ٻٻرلوءِ:ڌرڻي ۾ شامل رواداري تحريڪ جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو چيو ته حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري هي اڄ ڌرڻو لڳو آهي، ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه ڌرڻو حڪمرانن جي ڪن لاٽار جو نتيجو آھي، سنڌ مان گم ٿيل معصوم ٻارڙن جا وارث پريشان آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي سُري، ٻچڙا ملڻ تائين هتان واپس نه وينداسين، مان انتظاميا ۽ حڪومت کي چوڻ چاهيان ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن به وقت ڌرڻي تي پوليس ذريعي هلان يا گرفتاريون ڪيون ويون ته ان جي ذميوار حڪومت هوندي، معصوم ٻارڙن جا وارث هتي ويٺا آهن، گرمي ۾ نياڻيون ويٺيون آهن، اسان هتان ايئن نه وينداسين.