چمبڙ/ ٽنڊوالھيار (رپورٽ:ثوبيا کوسو/ حسرت لغاري) چمبڙ ۾ فيضان مدينا جي کٿابي 12 ورهين جي معصوم نينگر دمبالو واسي ڳوٺ سونو آرائين جي رهواسي عمران ولد علي نواز ڪورائي سان مبينا زيادتي ڪري زهر کارائي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، مقامي ذريعن موجب ننڍڙي کي فيضان مدينا مدرسي جا ڪجهه استاد رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ پهتا جتي ڊاڪٽرن ايمرجنسي ۾ داخل ڪري سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو زندگي وڃائي ويٺو، ڊاڪٽرن موجب اسپتال ۾ پهچڻ شرط اسان ڏٺو ته ننڍڙي جي وات مان گجي وهي رهي هئي پوسٽ مارٽم ڪيو آهي وڌيڪ خبر رپورٽ کان پوءِ ايندي، ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ کان پوءِ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار هڪدم رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ پهتو، جتي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لڳي ائين رهيو آهي ته نينگر کي زيادتي ڪري قتل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، ٻئي طرف چمبڙ پوليس مدرسو سيل ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، قتل ڪيل نينگر جي والدين جو چوڻ هو ته اسان جي ننڍڙي کي زيادتي ڪري پوءِ زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، وڏو ظلم ٿيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار مدرسي جي کٿابي جي موت ۽ بدفعلي جي واقعي جو سخت نوٽيس ورتو، ھن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان واقعي بابت ڄاڻ ورتي، ذريعن موجب پوليس ڪارروائي ڪندي مدرسي جي ڪجھه حصن کي سيل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ آخري اطلاعن تائين پوليس جاچ ڪرڻ جي شڪ جي بنياد تي 5 ماڻھن کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، جن ۾ مدرسي جا استاد به شامل آھن، ايس ايس پي پي جي حڪمن تي 2 ڊي ايس پيز جي سربراهي ۾ ھڪ جي آءِ ٽي ٺاھي وئي آھي، ايس ايس پي پي ٽنڊوالھيار سيد سليم شاهه جو چوڻ آھي ته معصوم جي قتل ۾ ملوث ڪنھن به قاتل کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو ۽ کين ڪيفيت ڪردار تائين پھچايو ويندو، جڏهن ته قتل ٿيل ڳوٺ سونو ڪورائي واسي چمبڙ مدرسي جي نينگر دمبالو واسي عمران ڪورائي جي اباڻي ڳوٺ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، نماز ۾ سياسي سماجي مولوين ۽ شاگردن ڏ برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.