ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ عورت به ملوث، ڦريل 20 لک اڃا نه مليا

ڪراچي (رپورٽر) ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن شروعاتي جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن، جڏهن ته پوليس ڦريل 20 لک رپيا اڃا تائين هٿ نه اچڻ جو اعتراف ڪيو، پوليس موجب 13 جولاءِ تي ڪلفٽن جي ٽن تلوار ڀرسان ڦر دوران ڊاڪٽر آڪاش کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي جاچ جاري آهي. گرفتار جوابدار اسلم عرف بابا، رام چند ۽ انيل کان پڇاڳاڇا دوران معلوم ٿيو آهي ته هو بينڪن ٻاهران ڦر ۽ واپارين کي ڦرڻ  وارين ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن، جاچ اختيارين موجب گينگ جو سربراهه اسلم عرف بابا قائدآباد جو رهواسي آهي ۽ واردات ۾ هڪ عورت پڻ شامل هئي جيڪا هٿ نه اچي سگهي آهي، جوابدارن واردات کان پوءِ ڦريل رقم پاڻ ۾ ورهائي ورتي هئي، گرفتار جوابدار رام چند ٻڌايو ته سندس اسلم عرف بابا سان 2021ع ۾ لانڍي جيل ۾ ملاقات ٿي، جتي ٻنهي دوستي ڪري گينگ ٺاهي، هن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته گذريل ٻن هفتن دوران بينڪن ٻاهران ٽي ڦر جون وارداتون ڪري چڪا آهن، جاچ اختيارين موجب گرفتار جوابدار انيل ملير پوليس کي گهربل جوابدار هو، جنهن ڪجهه مهينا اڳ شاهه لطيف ٽائون ۾ هڪ واپاري کان هڪ ڪروڙ رپيا ڦر ڪيا هئا ان ڪيس ۾ سندس ٻن ساٿين کي اڳ ئي گرفتار ڪري 50 لک رپيا هٿ ڪيا ويا هئا، پوليس موجب انيل ۽ رام چند سميت ست رڪني گينگ ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهي، عدالت ۾ پوليس شروعاتي جاچ رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن ۾ هڪ عورت سميت ٽن جوابدارن کي اڃا تائين مفرور قرار ڏنو ويو آهي، پوليس اعتراف ڪيو ته ڊاڪٽر آڪاش کان ڦريل 20 لک رپيا اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيا، رپورٽ موجب، گرفتار ٽنهي جوابدارن پوليس آڏو ڊاڪٽر آڪاش کان رقم ڦرڻ ۽ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدارن ٻڌايو ته ٽي تلوار ڀرسان بئنڪ مان رقم ڪڍي نڪتل شخص کان رقم ڦري، جنهن دوران موجود سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ هنن پڻ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا بعد ۾ کين خبر پئي ته سندن فائرنگ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو، جيڪو ڊاڪٽر آڪاش هو، مفرور جوابدارن ۾ اسلم پنهور، هڪ عورت ۽ هڪ ٻيو ساٿي شامل آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڦريل 20 لک رپيا هٿ ڪرڻ، جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ڪرائڻ ۽ ٻين ڪيسن ۾ به کين جاچ لاءِ شامل ڪرڻ ضروري آهي.

 

You might also like