سکر (رپورٽ: فرمان سهتو) حڪومتي بيحسي خلاف احتجاجي تحريڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، شهرين ۽ خاص طور مائرن کي شرڪت جي اپيل، اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي ۽ انصاف لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي جاري ڌرڻي کي 22 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پريا ايڪشن ڪميٽي احتجاج کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو، اڄ قومي شاهراهه بند ڪيو ويندو،پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ سهڻي پارس چيو ته هاڻ جي آءِ ٽي سان ڪو به فرق نٿو پوي، هر صورت ۾ اڄ ڌرڻو هڻنداسين، اڳواڻن موجب گذريل 22 ڏينهن کان متاثر خاندانن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج مڪمل طور پرامن رهيو، پر حڪومت ۽ انتظاميه طرفان اڃا تائين ڪا سنجيدا اڳڀرائي سامهون نه آئي آهي، ڪميٽي هن وقت پريا ڪماري، اجالا سولنگي، فاطمه ۽ ٻين ويهن کان وڌيڪ گم يا قتل ٿيل ٻارن جي ڪيسن جي پيروي ڪري رهي آهي، ڪميٽي جو بنيادي مطالبو آهي ته ٻارن جي گمشدگي ۽ قتل جي ڪيسن بابت ٿيندڙ جاچ جي شفاف رپورٽ عوام آڏو پيش ڪئي وڃي، ٻئي پاسي ڪنڊيارو کان ٻٻرلوءِ طرف پنڌ مارچ، جي يو آءِ اڳواڻن پاران حمايت ڪئي وئي، حيدرآباد کان وڪيلن جو قافلو پڻ پھتو، پياري ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جي سڏ کي ورنائيندي ڪنڊيارو جا نوجوان غمگين سيال، شاھزيب گوپانگ، صدام ملاح ۽ ٻيا پيرين پنڌ ٻٻرلوءِ طرف نڪري پيا شھر شھر ۾ حڪمرانن جي ضميرن کي جنجھوڙڻ لاءِ نعريبازي ڪندا سچل جي آڳنڌ تي پھتا جتي رات گذارڻ بعد وري صبح جو ٻٻرلوءِ طرف روانا ٿيندا، ھوڏانھن جميعت علماءِ اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان سکر پھچي پريا ڪماري جي والد سان ملاقات ڪري مولانا فضل الرحمان پاران ھمدرديءَ جو اظهار ڪيو. هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ٻٻرلو ڌرڻي ۾ پھچي پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون.ڳالھين بعد پريا ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ملاقات بابت ٻڌائيندي چيو ته ايس ايس پي خيرپور پنهنجي ضلعي مان اغوا ٿيل ٻن ٻارن طيب جوڳي ۽ آصفا مغل کي بازياب ڪرائڻ ۾ سنجيدگي ڏيکارڻ تي روڊ بند ڪرڻ وارو اعلان ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن تي اسان کيس چيو ته ٻارڙا پيش ڪيو اسان روڊ بند ڪرڻ واري اعلان کي ملتوي ڪري ويٺا رھنداسين ايڪويھ ڏينهن ويٺا آھيون سڄو سال به ويٺا رھنداسين.ھن اعلان ڪيو ته (اڄ) ٻٻرلو باء پاس کي ڌرڻو ھڻي بند ڪرڻ وارو فيصلو برقرار آهي اسان کي پنهنجا ٻچا بازياب ڪرائڻا آهن
پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهين جو اعلان
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پيپلزپارٽي اڳواڻ نفسيه شاهه پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهين جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ويٺلن سان رابطو ڪنداسين، ٽيم موڪلي رهيا آهيون، هي هڪ اهم مسئلو آهي، سنڌ حڪومت پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارن جي آزادي بابت قدم کنيا آهن، ننڍي عمر ۾ شادين تي پابندي آهي، ايوانن مان بل پاس ٿي چڪا آهن، ننڍي عمر ۾ شادين خلاف حڪومت قدم کنيا آهن ۽ کڻندي رهندي، جوانن جي قربانين کي سلام پيش ڪيون ٿا، مولانا فضل الرحمان جو بيان مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي، خيرپور ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي، آواز اٿاريندي رهي آهيان ۽ اڳتي به اٿارينديس، گيس ۽ بجلي سميت ٻين ڪيترن ئي معاملي ۾ سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي.
ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل مائرن کي انصاف ملڻ گهرجي:ڪاشف شيخ
ڪراچي/ ٽنڊومحمد خان (پ ر+ ڊر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ واري پئي اُڏامي، سنڌ جون سون ورنيون زمينون اڄ غير آباد ۽ ڪمند، ساريالو فصل، مرچن سميت لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي ويا آهن، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽي ۽ سجاول سميت لاڙ جي ٻين شهرن ۾ آبادگار لاڳيتو احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ لاڳيتو 18 سالن کان حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽيءَ ” مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو هڻي مودي مٿان ڦٽڪار ته ڪري ٿي، پر مقامي وڏيرن، ڀوتارن ۽ ڪرپٽ روينو جي عملدارن کان ننڍن آبادگارن جو پاڻي چوري ٿيڻ کان نٿي بچائي سگهي جيڪا ڳالهه منافقت ۽ ٻٽي پاليسي جو چٽو ثبوت آهي. جماعت اسلامي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، امن امان جي بحالي، پريا ڪماري، فضيله سرڪي، اُجالا سولنگي سميت اغوا ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي، مهانگائي، بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت هر مسئلي تي ڀرپور احتجاج ڪيو آهي، پاڻيءَ جي مسئلي تي به سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊومحمد خان ۾ جماعت اسلامي جي هڪ اعلى سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ پَريا ڪماري جي بازيابي لاءِ اڄ به ٻٻرلوءَ ۾ سخت گرمي، تيز سج ۽ قيامت خيز موسم جي باوجود مائرون پنهنجن معصوم ٻارن سان گڏ روڊ تي ويٺيون آهن، پر بي حس ۽ نااهل حڪمران ٽولي جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري، سنڌ پوليس کي عوام جي تحفظ بدران حڪمران ٽولي جي ڪمداري تي لڳايو ويو آهي. ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل مائرن جون اکيون پنهنجي ٻارن جي سلامتي ۽ انصاف جي آس تي لڳل آهن.