ڪراچي(ڪامران خان) سنڌ جي مختلف هنڌن تي ايڇ آءِ وي پکڙجڻ بابت پراڻيون ۽ غير معياري سيون استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ سوين ٻار ايڇ آءِ وي کان متاثر ٿيا آهن. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته پورهيت طبقي جي علاج لاءِ قائم ڪيل سنڌ حڪومت جي هٿ هيٺ هلندڙ ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ معصوم ٻارن تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا استعمال ٿيل سرنجون استعمال ڪيون پيون وڃن. ان کان وڏو ڏوهه ڪنهن اسپتال ۾ نٿو ٿي سگهي. متاثر ٻارن جي والدين مان هڪ چيو ته منهنجو ٻار آگسٽ ۾ هتي داخل ٿيو هو. ڪجهه ڏينهن بعد کيس جھٽڪا لڳڻ لڳا. جڏهن ايڇ آءِ وي جي ٽيسٽ ڪرايوسين ته رپورٽ هاڪاري (Positive) آئي. ڊاڪٽر چون ٿا ته هي علاج سڄي زندگي هلندو. هتي هڪ ئي انجيڪشن ڏهن کان پندرهن ٻارن کي لڳائي ويندي هئي. اسان ٻارن کي شفا لاءِ آڻيندا آهيون پر هتي کين سڄي زندگي جي بيماري ڏني وئي. سرڪاري انڪوائري رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته ڪراچي هاڻي ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي ۽ سرڪاري انگن اکرن موجب گهٽ ۾ گهٽ 130 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. اصل انگ اکر ان کان تمام گهڻا مٿي ٿي سگهن ٿا. سنڌ حڪومت جي پنهنجي تيار ڪيل انڪوائري رپورٽ ۾ انڪشاف سامهون آيا آهن، جن ۾ سرنجن ۽ طبي سامان جو ٻيهر استعمال ڪيو ويو، اسپتال ۾ سرنجن ۽ ٻين ڊسپوزيبل طبي سامان جي سخت کوٽ هئي. طبي عملي کي هدايتون هيون ته استعمال ٿيل سرنجون، آءِ وي ڪينولا، ۽ ڊرپ چيمبر پاڻي سان ڌوئي ٻيهر ٻارن تي استعمال ڪن. ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو پهريون ڪيس اپريل 2025 ۾ سامهون آيو هو پر انتظاميه معاملو دٻائي ڇڏيو. 31 آڪٽوبر 2025 تي جڏهن ليبارٽري انچارج ايم ايس (MS) کي خط لکي پنجن ٻارن جي ايڇ آءِ وي پازيٽو هجڻ جي نشاندهي ڪئي، ته کيس رپورٽون دٻائڻ جي سخت هدايت ڪئي وئي. نتيجي طور معصوم ٻار علاج کان محروم رهيا ۽ ڪيترا ئي فوت ٿي ويا.. انتظامي نااهلي ۽ ڪرپشن ظاهر ٿي جنهن ۾ اسپتال ۾ ٽينڊر ذريعي سامان گهرائڻ بجاءِ چوڪيدار، مالي، ڪلرڪ ۽ ٻاهرين ماڻهن جي ذريعي ڪچي گلي مارڪيٽ مان غير معياري ۽ سستو سامان ورتو ويندو هو. جراثيم کان پاڪ ڪرڻ جو ڪو به نظام نه هو. سيليٽائيزر، صابڻ، هينڊ واش، دستانا، فيس ماسڪ عملي وٽ نه هو. ان بدترين ڪارڪردگي جي باوجود ڪمشنر سيسي (SESSI) ايم ايس کي "بيسٽ ايم ايس” جو سرٽيفڪيٽ ڏنو. صحافي اختيار کوکر موجب اصل مسئلو اهو آهي ته سيسي (Sindh Employees Social Security Institution) جو ساليانو بجيٽ 15 ارب روپيا آهي ۽ هي پيسا سنڌ حڪومت جا ناهن پر غريب پورهيتن جي پگهارن مان ڪٽيل پيسا آهن. ڏيڍ کان ٻه ارب روپين جون دوائون اڳي ئي اسٽورن ۾ پيل هونديون آهن پر اسپتالن ۾ ڪو به سامان موجود ناهي هوندو.سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته جنهن کاتي تي الزام آهي، اهو ئي معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي. جيڪو ايم ايس ۽ ايڊمنسٽريٽر ڏوهاري آهي، اهو ئي انڪوائري ڪميٽي جو ميمبر به آهي. لانڍي جي سيسي اسپتال ۾ به 10 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي ۽ گذريل هڪ سال ۾ سڄي سنڌ اندر 1,200 ٻار ايڇ آءِ وي جو شڪار ٿي چڪا آهن. صحت بابت اڳوڻي نگران وزير ڊاڪٽر سعد نياز چيو ته دنيا جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا پيرا ميڊيڪل عملي کان اها غلطي نٿي ٿي سگهي ته سرنج ٻيهر استعمال ڪجي. هي ڪا پروفيشنل غلطي ناهي، هي سڌو سنئون ڪرمنل گناهه (فوجداري ڏوهه) آهي. هن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس هلڻ گهرجي. اسان جي سسٽم ۾ وڏي خرابي اها آهي ته سرڪاري نوڪريون رڳو پگهار کڻڻ لاءِ ڪيون وينديون آهن، ڪم ڪرڻ جو ڪو لاڙو ناهي. سڄي سنڌ جو صحت کاتو رڳو هڪ سيڪريٽري هيلٿ هلائيندو آهي، جيڪو ڪافي ناهي. ڪراچي جي وڏي آبادي لاءِ الڳ سيڪريٽري هجڻ گهرجي. آٽو ڊسٽرڪٽيبل سرنجز (اهي سرنجون جيڪي هڪ استعمال بعد پاڻمرادو ضايع ٿي وڃن) جو قانون صوبائي اسيمبلي مان پاس ٿيڻ باوجود عمل ۾ ناهي آندو ويو. هي سرنجون رڳو ايڇ آءِ وي نه پر هيپاٽائيٽس بي ۽ سي پکڙجڻ جو به وڏو سبب آهن.