ڊاڪٽر آڪاش جو دردناڪ قتل، پوليس۽ رينجرز سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي/سکر(رپورٽر) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ لڳي،سنڌ حڪومت ۽ رينجرز امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون، ٽي تلوار ڀرسان بئنڪ مان رقم ڪڍرائي نڪرندڙ ڊاڪٽر آڪاش فائرنگ ۾ قتل ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ٽي تلوار ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن بئنڪ مان رقم ڪڍرائي نڪرندڙ  روهڙي واسي ڊاڪٽر آڪاش کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب ڊاڪٽر آڪاش سيٺ سيرو مل جو پٽ هو ۽ پنهنجي آلٽو ڪار ۾ سوار هو ته جوابدارن سندس گاڏي تي حملو ڪيو، بئنڪ جي سيڪيورٽي گارڊ به جوابي فائرنگ ڪئي پر جوابدار لکين رپيا ڦري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.فائرنگ ۾ زخمي ڊاڪٽر آڪاش کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ شفاف جاچ سان گڏ جوابدارن جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا آهن،مقتول جي وارثن ٽي تلوار تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو،ڌرڻي ۾ سنڌ حڪومت ۽ حڪمران ڌر خلاف نعريبازي ڪئي وئي، وڏي انگ ۾ شهري شريڪ ٿيا،کيمچند  چيو ته ڊاڪٽر آڪاش ڪمار منهنجو ڀائٽيو آهي، اسان کي سيڪيورٽي ئي ميسر ناهي،اهڙا ذهين ڊاڪٽر قتل ڪيا ويندا ته ڪير هتي ويهندو،هنن چيو ته جيستائين قاتل گرفتار نٿا ٿين لاش رکي ڌرڻو جاري رهندو،هن چيو ته مقتول سان گڏ ساگر سريچند ۽ ڪزن سنجي ڪمار هئا،مقتول جي جناح اسپتال ۾ ڊيوٽي هئي،اسان سان وڏي ناانصافي ٿي آهي،پوليس آفيسر ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش 50 لک بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ آيو هو،سي سي ٽي وي فوٽيج جي بنياد تي جاچ جاري آهي،ڪرائيم سين يونٽ به آيل آهي،22 ساله ڊاڪٽر آڪاش ڪمارجيڪو سيٺ سيرومل جو پٽ، سيٺ ٽهلرام ايس ايس فيڊ ڪاٽن روھڙي  جو ڀائيٽو ۽ سيٺ پيسومل ايس ڪي ڪاٽن  جو ڀائيٽو هو.ھي چونڊڪي شهر جو هڪ ذهين نوجوان ڊاڪٽر هو،جڏهن ته ڌرڻي ۾ ذوالفقار جونيئر به پهتو،هن خطاب ڪندي چيو ته پوش علائقا هجن يا غريب،ڪير به محفوظ ناهي،قتل قتل ئي آهي،اسان کي هن ڪيس ۾ انصاف کپي،شفاف جاچ ڪرائي وڃي،هن چيو ته پاڪستان کي محفوظ بڻايو وڃي،اسان هتي پنهنجي هندو ڀائرن سان ايڪتا آهيون،

گڏاپ ۾ ھندو واپاري جي گھر ۾ ڪروڙين روپين جو ڌاڙو، پوليس 8 ڪلاڪ دير پهتي

ملير/گڏاپ (جميل چانڊيو+ممتاز شيخ) گڏاپ ٿاڻي جي حد اندر ھندو واپاري جي گھر ۾ ڪروڙين روپين جو ڌاڙو 8  ڦورو ھٿيارن جي زور تي  واپاري ڌرم داس ڪرپلاڻي جي گھر ۾ داخل ٿي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 170 تولا سون، چاندي ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملڻ باوجود ايس ايڇ او گڏاپ 8  ڪلاڪ گذرڻ بعد واقعي واري ھنڌ پھتو متاثر شھري ڌرم داس ڪرپلاڻي  صحافين کي ٻڌايو ته رات 3 بجي 4 موٽر سائيڪلن تي سوار 8 ھٿيار بند گھر ۾ داخل ٿيا  ۽ گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ ڪيو جڏھن ته  2 ڪلاڪ تائين گھر ۾ موجود ھئا ۽ 175 تولا سون، 300 تولا چاندي،روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا ھن ھيڏي وڏي واقعي تي ايس ايڇ او گڏاپ محمد علي شاھ 8 ڪلاڪ گذرڻ بعد پھتو آھي منھنجي سڄي زندگي جي جما ڪونجي ڦورو ھٿيارن جي زور تي کڻي ويا آھن  واقعي جو اطلاع ملڻ تي منارٽي ونگ اڳواڻ مکي اوڌا مل سميت ھندو ڪميونٽي جا ماڻھون واقعي واري ھنڌ پھچي ويا ۽ گڏاپ سٽي ٿاڻي تي پھچي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو متاثر شھري گھرو وزير سنڌ، آء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سون ، چاندي ، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي ايس ايڇ او محمد علي شاھ موجب واقعي جي ھر رخ کان جاچ جاري آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺنداسين.

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بدتر آهي:ڊاڪٽر جئي پال ڇاٻڙيا

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي نائب صدر ڊاڪٽر جي پال ڇاٻڙيا ڪلفٽن ٽي تلوار ڀرسان ڦر دوران ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي بي رحماڻي قتل ۽ گڏاپ سٽي ۾ ڪروڙين رپين جي ڦر جي واردات جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته حڪمران  رڳو نوٽيس وٺڻ تائين محدود ٿي پنهنجي ذميواري پوري سمجهن ٿا.هن  چيو ته روزانو ٿيندڙ ڦرن، قتلن ۽ لٽ مار جي واقعن سبب شهرين، خاص طور تي اقليتي برادري، ۾ سخت خوف ۽ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اقليتي برادري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهي آهي ۽ هندو واپاري برادري لاءِ سنڌ ۾ حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڏکيون ٿينديون پيون وڃن. جڏهن هڪ ڊاڪٽر ۽ واپاري به محفوظ نه هجي ته عام شهري جي تحفظ جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت شهرين، خاص طور تي اقليتي برادري، جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وقت سر ۽ اثرائتيون ڪارروايون ڪن ها ۽ ڏوهارين خلاف بنا امتياز ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته اهڙا افسوسناڪ واقعا پيش نه اچن ها.ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قاتلن ۽ گڊاپ سٽي جي ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ڦريل سمورو مال واپس هٿ ڪيو وڃي ۽ سنڌ ڀر ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف بنا امتياز آپريشن شروع ڪيو وڃي،

 

You might also like