ڪئنال نه ٺاهڻ جو نقصان سڄي قوم ڀوڳي پئي: عابد شير علي

اسلام آباد (ع آ نيوز) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته عابد شير علي چيو ته” منهنجو پاڻي، تنهنجو پاڻ“واري سياست هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.ڪراچي مان واپس اچڻ کانپوءِ کيس فزيوٿراپي ڪرائڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته شهر جي روڊ رستن جي حالت خراب آهي. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ اهڙو ڪو به روڊ  ٻڌايو جتي کڏا يا جهاڪا نه هجن، شهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي به موجود ناهي. عابد شير علي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان ۾ اهڙي ڪهڙي سٺي ڳالهه آهي، جنهن جي هو واکاڻ ڪجي. هن چيو ته ڪئنال نه ٺاهڻ سان سڄي قوم کي نقصان ٿئي ٿو ۽ ملڪ هر سال ٻوڏ سبب ٽن قسمن جا نقصان برداشت ڪري ٿو. هن چيو ته نواز شريف اڃا به سرگرم آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ هجي ته ساڻس ڪرڪيٽ کيڏي ڏسي.

 

You might also like