ڪئنالن جو مسئلو حل ٿي چڪو آهي: ڄام خان شورو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ هميشه 1991ع جي پاڻي واري معاهدي تحت پنهنجي جائز حصي جي پاڻي جو مطالبو ڪيو آهي، تنهنڪري پاڻي جهڙي حساس قومي معاملي تي ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو وڃي ۽ صوبن جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪندڙ بيانن کان پاسو ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام خان شورو، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عابد شير علي جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته سنڌ پنهنجي آئيني ۽ قانوني حق واري موقف تي هميشه قائم رهي آهي.هن چيو ته ڪينالن جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ بحث هيٺ اچي حل ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري هاڻي اهڙا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي صوبن جي وچ ۾ غلط فهميون يا نفرت پيدا ڪن.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڻي جي دستيابي، ورڇ ۽ استعمال بابت حقيقتن کي سامهون رکي ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي،

 

You might also like