مختلف سرڪاري پاليسين مان شايد ئي ڪا اهڙي پاليسي هجي، جيڪا حڪومت جي ترجيحن کي ايتري چٽيءَ طرح ظاهر ڪري، جيتري بنيادي صحت جي سارسنڀال واري حڪمت عملي ڪري ٿي. عام شهريءَ جو صحت جي نظام سان پهريون واسطو اڪثر ڪنهن ڳوٺ جي ڊسپينسري يا بيسڪ هيلٿ يونٽ (BHU) سان پوي ٿو. جڏهن اهو پهريون رابطو مؤثر هجي ٿو ته روزانو بيشمار جانيون خاموشيءَ سان بچي وڃن ٿيون.
انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌ حڪومت جو تازو فيصلو، جنهن تحت بنيادي صحت مرڪزن کان پوءِ باقي رهيل صحت جون سهولتون، جهڙوڪ رورل هيلٿ سينٽرز (RHCs) ۽ گورنمينٽ ڊسپينسريون (GDs) پي پي ايڇ آءِ (PPHI) سنڌ جي حوالي ڪيون ويون آهن، رڳو هڪ انتظامي تبديلي ناهي. هيءَ دراصل هڪ وڌيڪ مربوط ۽ هم آهنگ نظام قائم ڪرڻ جي انقلابي حڪمت عملي آهي، جنهن جي سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سڄاڻ ڌرين پاران ڀرپور آجيان ڪئي وئي آهي.
پي پي ايڇ آءِ کان پهريان سنڌ جي ٻهراڙين جا اڪثر صحت مرڪز غير فعال ۽ بااثرن جون اوطاقون بڻيل هئا، جتي عوام لاءِ علاج هڪ خواب هو. صوبائي حڪومت پاران معاهدي تحت اهي مرڪز حوالي ٿيڻ کانپوءِ، هن اداري ٿوري ئي عرصي ۾ انهن کي فعال بڻائي بنيادي سهولتون ميسر ڪيون. ڪاميابيءَ کانپوءِ سوين مرڪزن کي اپگريڊ ڪري 24 ڪلاڪ ۽ هفتي جا ست ئي ڏينهن هلائڻ وارو نظام شروع ڪيو ويو. پي پي ايڇ آءِ جي نگرانيءَ هيٺ ماهوار لکين مريضن جا نارمل ويم، سيزر، الٽراسائونڊ، مفت دوائون، ٽيسٽون ۽ ايمبولينس سروسز فراهم ڪيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه خيرپور ۾ قائم ٿيل ‘ڪوثر مدر اينڊ چائلڊ اسپتال’ جهڙا وڏا ادارا لکين مريضن کي مفت ۽ معياري علاج ڏئي ملڪ ۾ مشهور ٿي چڪا آهن.
هن اداري جي پيشيوراڻي انتظام، ڊجيٽل نگراني، انتظامي لچڪ ۽ مستحڪم قيادت سبب عوام ۽ حڪومت جو اعتماد وڌيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙين ۾ مائرن ۽ ٻارڙن جي موت جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. روايتي سرڪاري نظام ۾ ضلعي سطح جا منتظم اڪثر پيچيده طريقيڪار، اختيارن جي ورهاست ۽ محدود وسيلن سبب بروقت ردعمل نه ڏئي سگهندا هئا. پي پي ايڇ آءِ تحت هي سڌارو انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
عالمي تجربو پڻ اهو ٻڌائي ٿو ته سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي ڀائيواريون (PPPs) تڏهن ڪامياب ٿينديون آهن، جڏهن احتساب مضبوط، ميرٽ شفاف ۽ آڊٽ قابلِ اعتماد هجن. پي پي ايڇ آءِ سنڌ انهن معيارن تي پورو لهي پنهنجو ڏانءُ ثابت ڪيو آهي. سکر ڊويزن (خيرپور، سکر، گھوٽڪي، شڪارپور) ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ۽ انتظاميا پاران اسپتالن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيل ڪوششون ان جو چٽو ثبوت آهن.
شهري هن سڌاري جو جائزو سرڪاري نوٽيفڪيشنن جي بنياد تي نه، پر صحت مرڪزن جي بهتر ڪارڪردگيءَ مان وٺندا. اميد آهي ته پي پي ايڇ آءِ سنڌ، بنيادي صحت مرڪزن وانگر، هاڻي رورل هيلٿ سينٽرن ۽ گورنمينٽ ڊسپينسرين کي به مثالي بڻائي غريب عوام کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو جاکوڙي ڪردار ادا ڪندي.