روشن شيخ نثري نظم کي روايتي بندشن کان روشن شيخ جا اڳ ٽي ڪتاب نثري نظمن جا پڻ ادبي جھول ۾ جرڪندي نظر اچن ٿا پر ھن ڀيري ھن جيڪي ڪالم ڪھاڻين تي ٻڌل وڏپڻ واري ماڻھپي وارن عظيم شخصيتن تي ڪتاب "رينڊم ڪلڪس ” لکيو آھي جيڪو مرڪ پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي ھن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ تعليمي شخصيتن کي پنھنجي قلم سان سرجي ھن اجاگر ڪيو آھي سو ھڪ تاريخ جا سونھري ورق بڻجي چڪا آهن .
روشن شيخ پنھنجي ڪتاب "رينڊم ڪلڪس” ۾ جيڪو ڪالم ڪھاڻين ۾ احساسن ۽ جذبن جو اظھار ڪيو آهي سو قابل تعريف آهي ھونئن به ڳالھه ، تاثر ، ڪالم جو پنھنجو حسن ٿئي ٿو اھڙا انيڪ عڪس ، ڳالھيون ،ڪھاڻيون روشن شيخ پنھنجي ڪتاب ۾ آنديون آهن جيڪو سچ پچ تعريف لائق آهن. سندس ڪتاب م شامل سماج سڌارڪ جي درد ڪھاڻي زندھ احساسن جي تصوير ۽ اھڙي ته منظر ڪشي ڪري اڄوڪين حالاتن جي خوب عڪاسي ڪئي وئي آھي جيڪي سندن سادن لفظن ۾ تن کي چڱيءَ طرح وائکو ڪري عام ماڻھن تائين رسائڻ سچ پچ ته ڪمال ۽ ساراھ جوڳو ڪم آھي
مان ڪڏھن ڪڏھن حيرت وچان سوچيندو آھيان ته روشن شيخ ڪھڙي وقت قلم کڻي لکندو ھوندو ڇو ته روشن جي نوڪري اڪائونٽ آفيس ۾ آھي ۽ ان ٽيبل تي ويھي ٿو جتي سڄي ضلعي جي ماڻھن سان سندس واسطو رھي ٿو ۽ جيستائين مون ڏٺو آهي ته ھن کي ھڪ منٽ جي به ويسند ڪونھي ۽ ھو ٻچڙن کي به ٽائم ڏيندو ھوندو ،ھو ڪيئن ڪندو ھوندو زندگيءَ جي قيمتي وقت جي وراثت ڪيئن ڪندو ھوندو ، اھو ته کيس معلوم ھوندو ،باقي کين لک شابسون آھن جو ھيڏي مصروف زندگيءَ ھوندي بہ ، ھو شاعري ، نثري نظم ۽ سماجي ۽ مشاھداتي ڪالم پڻ لکي ٿو ھن جي لکڻين سان محبت جو اظھار سندس جي نثري نظمن ۽ ھن ڪالم ڪھاڻين مان ملي ٿو ته ھن کي ادب سان ڪيڏي نه انمول محبت آهي.
مون جڏھن روشن شيخ جو ھي قلمي پورھئي جو پھريون ڪالم ڪھاڻين تي مبني ڪتاب "رينڊم ڪلڪس” پڙھڻ شروع ڪيو ته مون ڏٺو ته ھن ڪتاب ۾ تقريباً پنجاھ کان وڌيڪ ڪالم ڪھاڻيون ، تاثرات ، ڳالھيون ، مختلف موضوعن تي عظيم ۽ اعليَ ڪردارن تي عڪاسي ٿيل عڪس مون کي پڙھڻ لاءِ مليا روشن شيخ جي شاعري ھجي يا نثري نظم ھجن يا ڪالم ڪھاڻيون مرڪندي ۽ گلڙن جيان مھڪندي ڏٺيون آھن ته ڪڏھن وري لڙڪ لاڙيندي به ، روشن شيخ جي لکڻين م خاص خوبي اھا آھي ته ھو عام موضوعاتي لفظن کي سادي ۽ سلوڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو خاص ڪري ھن جي لکڻين جا موضوع زندگيءَ جي عام پھلوئن جي عڪاسي ڪندي ملن ٿا . ھونئن به نثري نظم ھجي يا ڪالم زندگيءَ جي احساساتي عڪسن ۽ سماجي ڪردارن جو آئينو ھوندو آھي جيڪو چڱيءَ طرح اھڙن ڪردارن کي ظاھر ڪري ٿو روشن شيخ جي شاعري ھجي يا نثري نظم ھجن يا ڪالم ڪھاڻيون انھن سڀني لکڻين ۾ معاشرتي آئيني سان گڏ حقيقت پسنديءَ جو عڪس به پڻ ملي ٿو .