ڪالهه 11 جولاءِ تي "آبادي جو عالمي ڏينهن” ملهايو ويو. هي ڏينهن 1989ع ۾ ان وقت شروع ڪيو ويو جڏهن دنيا جي آبادي 5 ارب ٿي. اڄ 2026ع ۾ دنيا جي آبادي 8 ارب ٿي چڪي آهي. پاڪستان به ان تيز رفتار واڌ جو شڪار آهي. جيڪڏهن ان تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايندڙ نسل کي صرف بک، بدحالي ۽ بيماري نصيب ٿيندي.
پاڪستان جي آبادي ۽ تعليمي بحران
سالياني پلان موجب پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار آهي، تازو اسلام آباد جي صحافي ابراهيم ڪنڀر هڪ ڪالم ۾ ان ڳالھ طرف ڌيان ڇڪايو هو ته 2050ع تائين 39 ڪروڙ ٿي ويندي. ملڪ جي 64 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ آهي. حڪومت جو ٽارگيٽ آهي ته بالغن ۾ تعليمي شرح 59.8 سيڪڙو تائين وڌائي وڃي. پر سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته هن وقت به ملڪ جا اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. جڏهن اسان اڄ جي ٻارن کي اسڪول نه ڏئي سگهيا آهيون ته پوءِ 39 ڪروڙ آبادي لاءِ اسڪول، استاد ۽ ڪتاب ڪٿان ايندا؟
عورتن جي تعليم، تحفظ ۽ خوشحالي
ڪنهن به قوم جي ترقي عورتن کان سواءِ ناممڪن آهي. پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ عورت اڄ به نظر انداز آهي. ڳوٺن ۾ لکين ڌيئرون اسڪول کان محروم آهن. عورتن کي وراثت، روزگار ۽ عزت جو تحفظ نه آهي. جيڪو سماج پنهنجي عورتن کي پڙهائي ۽ عزت نٿو ڏئي، اهو ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي. عورتن جي تعليم ئي آبادي تي ڪنٽرول ۽ خوشحال خاندان جو بنياد آهي.
قرض، مهانگائي ۽ عوام جي مايوسي
ملڪ جي معاشي حالت ڏاڍي خراب آهي. پاڪستان تي 81,930 ارب روپين جو قرض آهي. مطلب هر پاڪستاني 3 لک 27 هزار جو قرضي آهي. بجيٽ جو اڌ کان وڌيڪ حصو قرض جي وياج ۾ هليو وڃي ٿو.
پاڪستان جي تاريخ ۾ عوام دوست فيصلا ڪڏهن به نه ٿيا آهن. هميشه اميرن کي ريليف ۽ غريبن تي ٽيڪس مڙهي ويندي آهي، جنهن ڪري اڄ عوام رياست کان مڪمل طور مايوس آهي. ماڻهو چوندا آهن ته "ملڪ قرض ۽ خيرات تي ٿو هلي”.
مستقبل ۾ وڌندڙ آبادي، قرض ۽ بيروزگاري جو مسئلو صرف تنقيد سان حل نه ٿيندو. اسان کي هاڻي عمل ڪرڻو پوندو. مستقبل لاءِ اهڙو سماج تعمير ڪرڻو پوندو جتي:
- وسيلن جو ذميواراڻو استعمال ٿئي . پاڻي، بجلي ۽ زمين کي ضايع نه ڪيو وڃي.
- انساني حقن جو احترام هجي. هر شهري کي عزت، انصاف ۽ موقعا برابر ملن.
- عورتن جي خودمختياري هجي. هر ڌيءُ پڙهيل هجي، هر عورت ڪمائيندڙ ۽ فيصلو ڪندڙ هجي.
- معياري ۽ مفت تعليم هجي. اڍائي ڪروڙ ٻارن کي اسڪول ۾ آڻي انهن کي قوم جو سرمايو بڻايو وڃي.
- پائيدار ترقي هجي. قرض جي بدران پيداوار، صنعت ۽ زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ عوام دوست پاليسيون جوڙيون وڃن.
جيڪڏهن اسان اڄ اهي قدم کنيا ته 39 ڪروڙ آبادي اسان لاءِ نعمت بڻجي ويندي. پر جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اها ئي آبادي اسان لاءِ سڀ کان وڏي زحمت بڻجي ويندي. فيصلو اسان جي هٿ ۾ آهي – ڇا اسان پنهنجي ٻارن لاءِ قرض ۽ بک ڇڏي وينداسين يا علم ۽ عزت؟