مائي ڀاڳي جنهن صدين جا ڏک ڏولاوا ڳايا

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

اڄ مان پي ٽي وي ڪراچي مرڪز جي ان ئي ڪمري ۾ هڪ پروڊيوسر جي طور تي ويهندو آهيان، جتي ورهيه اڳ مڊل اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان مان پهرين ۽ آخري ڀيرو مائي ڀاڳيءَ کي ڏٺو هو. تن ڏينهن ۾ ممتاز مرزا مرحوم سان خط پٽن وسيلي رابطو رهندو هو، پاڻ پي ٽي وي ڪراچي مرڪز جو اسڪرپٽ پروڊيوسر هو. ڪراچي جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ منهنجي نَڪ جو هڪ پيچيده آپريشن ٿيو هو، جنهن کان پوءِ مون کي سال سوا تائين هر مهيني چيڪ اپ لاءِ ڪراچي اچڻو پوندو هو. هڪ ڀيري چيڪ اپ ڪرائي، مان ممتاز مرزا وٽ پي ٽي وي هليو آيس. اڃان سندس ڪمري ۾ ويٺس ئي مس ته مائي ڀاڳي به اتي اچي پهتي. ڪجهه دير کان پوءِ مصطفيٰ قريشي به اچي ويو. ان کان پوءِ اسٽوڊيو ۾ مائي ڀاڳي جو انٽرويو رڪارڊ ٿيو. جنهن دوران جڏهن هن پنهنجي مخصوص درد ڀري آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، ته مون کي ائين لڳو ڄڻ سنڌ جي صدين پراڻي مٽي، ٿر جون هوائون، سنڌو جون ڇوليون ۽ لوڪ روايت جي سڄي خوشبو  هڪ ئي آواز ۾ سمائجي منهنجي دل ۾ پيهي وئي هجي. اهو منظر اڄ به منهنجي يادن جي  ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ تازگيءَ سان روشن آهي.

بيشڪ مائي ڀاڳي جو آواز ڪنن تائين پهچي پوءِ دل جي انهن اونهائين ۾ لهي ويندو آهي، جتي سالن کان خاموش پيل يادون، ڏک، محبتون ۽ جدايون ساهه ساهه کڻنديون آهن. اهڙو آواز وقت جي قيد ۾ بند ناهي رهندو، اهو نسلن جي وچ ۾ پل بڻجي ويندو آهي. جڏهن به ڪو ماڻهو اهو آواز ٻڌندو آهي، ته پوءِ کيس محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ   سندس ڏک ڏاکڙا ڪنهن ٻئي ڳائي ڇڏيا هجن.

مائي ڀاڳي رڳو هڪ عورت جو نالو ناهي، پر سنڌ جي ثقافت، ڳوٺاڻي زندگي، محبت، محرومي، اوسيئڙي ۽ صدين پراڻي لوڪ روايت جو ٻيو نالو آهي. هوءَ جڏهن به ڳائيندي هئي ته لڳندو هو ڄڻ سنڌو درياءَ جون لهرون وکيري رهيون هجن، ڄڻ ٿر جي رڻ تي شام لٿي هجي، ڄڻ ڪنهن ڳوٺ جي پوڙهي ماءُ پرديس ويل پنهنجي پٽ کي ياد ڪري رهي هجي ۽ ڄڻ ڪنهن نوجوان دل جي پهرين محبت ڳوڙها وهائيندي ورلاپ ڪندي هجي.

مائي ڀاڳي ٿر جي سرزمين تي ڄائي ۽ نپني. اهو زمانو سهولتن وارو ڪونه هو؛ نه موسيقيءَ جا ڪي سکيا گھر هئا، نه عورتن لاءِ لطيف فنن جي دنيا ايتري سولي هئي. معاشرو قدامت پسند هو، غريبت عام هئي ۽ عورت جا خواب اڪثر ڪري گھر جي چارديواريءَ ۾ ئي دفن ٿي ويندا هئا. پر قدرت جڏهن ڪنهن انسان کي ڪو پيغام ڏئي هن دنيا ۾ موڪليندي آهي، ته پوءِ واٽون پاڻ هُرتو ئي  گهڙجي وينديون آهن.

مائي ڀاڳيءَ جي اندر  به هڪ اهڙو آواز رکيو ويو هو، جيڪو ڪنهن استاد جو محتاج ڪونه هو. اهو آواز فطرت جي عطا هئي. ننڍپڻ کان ئي هن پنهنجي والدين سان گڏ لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيا هئا. ڳوٺ ۾ ٿيندڙ تقريبون، وهانءُ وڌاڻ، ميلا ٺيڪا ۽ خوشين جا ميڙاڪا سندس پهرين درسگاهه بڻيا. هي اهو دور هو جڏهن موسيقي رڳو تفريح ڪونه هوندي هئي، پر ماڻهن جي گڏيل زندگيءَ جو مکيه حصو هوندي هئي. هاري هر هلائيندي ڪجهه نه ڪجهه جھونگاريندا هئا، ڌنار  پنهوار بانسريون ۽ چنگ وڄائيندا هئا، عورتون گھرن ۾ جنڊ پيهندي ڳيچ ڳائينديون هيون ۽ ٻارڙا انهن ٽيلا سازن ۽ آوازن تي پيا پلجندا هئا. مائي ڀاڳي به انهن آوازن کي پنهنجي روح ۾ سمائي ڇڏيو هو.

1968ع ۾ جڏهن مارئيءَ جي ثقافتي ميلي ۾ هن پنهنجي آواز جو مانڊاڻ مچايو، ته اتي موجود خلقِ خدا حيران ٿي وئي. هڪ سادڙي، ڳوٺاڻي عورت پنهنجي نرالي آواز وسيلي پوري ميڙ کي موهي ڇڏيو. اها گھڙي ۽ اصل ۾ سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ جي تاريخ جو مکيه موڙ هو. ان تقريب ۾ موجود ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي هاڪاري براڊڪاسٽر شيخ غلام حسين هڪدم اهو پروڙي ورتو هو ته مائي ڀاڳي رڳو ڪا مقامي ڳائڻي ڪونهي، پر هوءَ ته هڪ قومي اثاثو آهي؛ تنهن ڪري هن مائي ڀاڳيءَ کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏني. اها دعوت رڳو هڪ اداري جي دعوت ڪونه هئي، پر قسمت جو دروازو هو، جيڪو ورهين جي خاموش جاکوڙ کان پوءِ کلي رهيو هو.  ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پهچي مائي ڀاڳيءَ پهريون ڀيرو مائڪروفون جي سامهون ڳايو. ريڊيو سان سلهاڙجي وڃڻ کان پوءِ مائي ڀاڳي ڪا رڳو هڪ ڳائڻي ڪونه رهي، پر هوءَ سنڌ جي گڏيل يادداشت جو آواز بڻجي وئي. سندس گيتن ۾ اها سادگي هئي، جيڪا ڳوٺن جي ڪچين گهٽين ۾ گھمندڙ ڦرندي وتندي آهي. اها سچائي هئي، جيڪا ڪنهن هاريءَ جي پگهر ۾ پسبي آهي ۽ اهو درد هو، جيڪو صدين کان وانجهيل انسانن جي دلين ۾ پلجندو پئي ايندو آهي.

مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾ ڪنهن شاهي درٻار جي چمڪ ڪونه هئي، پر مٽيءَ جي خوشبوءِ هئي. اها ئي خوشبوءِ سندس اصل سڃاڻپ بڻي. هن سنڌ جي لوڪ شاعريءَ، صوفي روايت ۽ عوامي ثقافت کي رڳو محفوظ ئي ڪونه ڪيو، پر نئين نسل تائين منتقل به ڪيو. سندس ڳايل لوڪ گيت اڄ به ان دور جي گواهي ڏين ٿا جڏهن فن ڪاروبار نه، پر تهذيب جي حفاظت جو نالو هوندو هو.

مائي ڀاڳي جڏهن مارئيءَ جي جدائيءَ جا گيت ڳائيندي هئي، ته لڳندو هو ڄڻ ٿر جو سڄو رڻ پٽ سڏڪا ڀري رهيو هجي. جڏهن هوءَ محبت جو ڪو گيت ڇيڙيندي هئي، ته محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪنهن کوهه تان پاڻي ڀريندڙ ڪا سنڌي نينگري پنهنجي خوابن کي سڏي رهي هجي ۽ جڏهن هوءَ ڪو صوفياڻو ڪلام ڳائيندي هئي، ته ٻڌندڙن تي اهڙي ڪيفيت ڇانئجي ويندي هئي، جو ڄڻ سندن روح پنهنجي اصل ڏانهن موٽي رهيو هجي. اها ئي ته هڪ وڏي فنڪار جي سڃاڻپ هوندي آهي، ته هو رڳو لفظ ڪونه ڳائيندو آهي، پر اهو انسان جي اندر جي لڪل احساسن ۽ جذبن کي   جاڳائيندو آهي.

وقت گذرندو رهيو، پر مائي ڀاڳيءَ جي آواز جي تازگي گھٽ ڪانه ٿي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جام پروگرام ٿيندا رهيا. ريڊيو پاڪستان جي ذريعي سندس آواز سرحدن کان نڪري دنيا جي مختلف ملڪن تائين پهتو. جتي به سنڌي رهندا هئا، اتي مائي ڀاڳيءَ جو آواز پهچي ويندو هو. پرديس ۾ رهندڙ ماڻهو جڏهن کيس ٻڌندا هئا، ته سندن دلين ۾ پنهنجي ڳوٺ، ٻنين ٻارن، وڻن ٽڻن، ماڳن مڪانن، پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ پنهنجي ماءُ جي ياد تازي ٿي ويندي هئي.

شهرت انسان کي بدلائي ڇڏيندي آهي، پر مائي ڀاڳي انھن ڀاڳوند ماڻهن منجهان هئي، جنهن تي شهرت ڪو به اثر ڪونه ڪيو. هوءَ سادو ويس وڳو پائيندي هئي، نماڻائپ سان ملندي هئي ۽ سدائين اهو ئي چوندي هئي ته، ”آواز الله پاڪ جي امانت آهي، انسان رڳو ان جو وسيلو آهي.“ سندس زندگي اسان کي اهو درس ڏئي ٿي ته عظمت جو تعلق دولت، شهرت ۽ محلن ماڙين سان ناهي هوندو، پر ڪردار ۽ اخلاص سان هوندو آهي.

پاڪستان سرڪار به مائي ڀاڳيءَ جي خدمتن جي مڃوتائي ڪئي. 1981ع ۾ تڏهوڪي حڪومت کيس ”پرائيد آف پرفارمنس“سان نوازيو. اهو رڳو هڪ اعزاز ڪونه هو، پر سنڌ جي صدين پراڻي لوڪ روايت لاءِ هڪ قومي سلام هو. ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن به کيس مختلف اعزازن سان نوازيو. موسيقيءَ جي حلقي ۾ کيس وڏي احترام جي نظر سان ڏٺو وڃڻ لڳو.  پر سوال اهو آهي ته ڇا ڪنهن فنڪار جي عظمت کي اعزازن، انعامن، اڪرامن ۽ تمغن سان ماپي سگهبي آهي؟ هرگز به نه! اصل اعزاز ته اها محبت هوندي آهي، جيڪا ماڻهن جي دلين ۾ جيئري رهندي آهي. اصل انعام ته اها دعا هوندي آهي، جيڪا ڪنهن پوڙهي مائيءَ جي دل مان نڪرندي آهي. اصل شهرت ته اهي ڳوڙها هوندا آهن، جيڪي ڪنهن اُجڙيل انسان جي پنبڙين تي بيهجي ويندا آهن. مائي ڀاڳيءَ کي اهو سڀ ڪجهه مليو.  وقت پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌندو رهيو، جسم هيڻو ٿيڻ لڳو ۽ عمر جو سج لهندڙ لام بڻجي وئي. پر سندس آواز جي مٺاڻ ۾ ڪا به گھٽتائي ڪونه آئي. کيس خبر هئي ته انسان نيٺ هن فاني دنيا مان هليو ويندو، پر فن جيڪڏهن سچو هوندو ته اهو سدائين جِيئرو رهندو.

پوءِ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن 7 جولاءِ تي اهو بي مثل ۽ لازوال آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو. سنڌ جي فضا ڏکاري ٿي وئي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي راهدارين ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. لوڪ موسيقي يتيم محسوس ٿيڻ لڳي. ائين لڳو ڄڻ ٿر جون هوائون بيهجي ويون هجن ۽ ڄڻ ڪنهن ماءُ پنهنجي سڀ کان پياري لولي ٻڌائڻ بند ڪري ڇڏي هجي. پر حقيقت اها آهي ته عظيم فنڪار ڪڏهن به ناهن مرندا، اهي پنهنجي آوازن ۾ جيئرا رهندا آهن.

اڄ جڏهن جديد موسيقيءَ جي گوڙ شور ۾ اصل لوڪ روايت ڪٿي دٻجندي محسوس پئي ٿئي، تڏهن مائي ڀاڳيءَ جي ياد اڃا به شدت سان پئي اچي. هوءَ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته موسيقي رڳو سازن جو نالو ڪونهي، پر اها تهذيب، تاريخ ۽ گڏيل شعور جي هڪ امانت آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي لوڪ موسيقيءَ کي وساري ڇڏينداسين ته پوءِ اسان پنهنجي پاڙن کان ڌار ٿي وينداسين.

مائي ڀاڳي هلي وئي آهي، پر سندس جادوئي آواز سنڌ جي هوائن ۾ گونجي رهيو آهي. اڄ به سنڌوءَ جي لهرن ۾ سندس لئه ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي. اڄ به ٿر جي ڀٽن پاسي سندس گيتن جو پڙاڏو محسوس ٿي رهيو آهي. جيستائين هن ڌرتيءَ تي محبت، درد، وفا ۽ لوڪ روايت جِيئري آهي، تيستائين مائي ڀاڳي به جِيئري رهندي. اها ئي هڪ سچي فنڪار جي اصل زندگي آهي. جسم ته مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندو آهي، پر آواز هميشه لاءِ امر ٿي ويندو آهي.

(7 جولاءِ تي مائي ڀاڳيءَ جي چاليهين ورسي هئي.)

 

You might also like