ٻٻرلوءِ وٽ اغوا ۽ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ ڏنل ڌرڻو پنهنجي نوعيت ۾ منفرد، دردناڪ ۽ ضمير کي لوڏي ڇڏيندڙ آهي. هي ڪو سياسي پارٽيءَ جو طاقت جو مظاهرو ناهي، نه ئي اقتدار جي حاصلات لاءِ ڪو جلسو آهي. هي انهن مائرن جو احتجاج آهي، جن جي هنج مان سندن معصوم ٻار کسيا ويا آهن، جن جون اکيون اڄ به پنهنجن ٻچن جي واپسيءَ جي راهه نهاري رهيون آهن.
افسوس جو سنڌ حڪومت، جيڪا هر ننڍي وڏي معاملي تي بيان جاري ڪرڻ ۾ دير نٿي ڪري، اها هن انساني الميي تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري ويٺي آهي. اها خاموشي رڳو انتظامي ناڪامي نه، پر سماجي بيحسيءَ جو به ثبوت بڻجي رهي آهي.
ڪنهن به جمهوري حڪومت جو فرض هوندو آهي ته اها عوام جي دانهن ٻڌي، خاص ڪري جڏهن احتجاج ڪندڙ سياسي مفادن بدران پنهنجن گم ٿيل ٻارن جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪري رهيا هجن. پر ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو ڏينهن گذرڻ باوجود حڪمرانن جي ترجيحن ۾ شامل نظر نٿو اچي. نه ڪو اعليٰ سرڪاري وفد پهتو، نه ئي ڪو اهڙو واضح لائحه عمل سامهون آيو، جنهن مان متاثر خاندانن کي اميد جي ڪا ڪرڻ نظر اچي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پنهنجن ٻارن جي واپسيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ مائرن جي دانهن به اقتدار جي ايوانن تائين نه پهچي سگهي، ته پوءِ عام ماڻهو انصاف لاءِ ڪنهن در تي وڃي؟
هن ڌرڻي جو سڀ کان اهم ۽ تاريخي پهلو اهو آهي ته هتي پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا کي رڳو انفرادي ڏوهه نه، پر هڪ منظم ڪاروبار ۽ اسمگلنگ جي صورت ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. غير معمولي اڳڀرائي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻارن جي اسمگلنگ هڪ اربين ڊالرن جي غيرقانوني صنعت بڻجي چڪي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ به اهڙا خدشا سامهون اچي رهيا آهن ته انهن کي نظرانداز ڪرڻ بدران آزاد، شفاف ۽ اعليٰ سطحي جاچ ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته جيڪڏهن واقعي اهڙا ڳجها هٿ موجود آهن، جيڪي معصوم ٻارن جي زندگين سان واپار ڪري رهيا آهن، ته پوءِ اهو سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان خوفناڪ ڏوهه شمار ٿيندو. اهو به سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته ڇا هن ڌرڻي کي ان ڪري نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جو هن پهريون ڀيرو ٻارن جي اغوا جي اصل جڙ تي آڱر رکي آهي؟ ڇا ڪي اهڙا طاقتور مفاد آهن، جيڪي نٿا چاهين ته ٻارن جي اسمگلنگ بابت حقيقتون سامهون اچن؟ اهي سوال شايد سخت هجن، پر جڏهن رياست جي خاموشي غيرمعمولي حد تائين ڊگهي ٿي وڃي ته پوءِ اهڙا سوال پاڻمرادو جنم وٺن ٿا. حڪومت جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي عمل سان انهن خدشن کي ختم ڪري، نه ڪي پنهنجي خاموشيءَ سان انهن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. سنڌ ۾ پريا ڪماري، اجالا سولنگي ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻارن جي اغوا ۽ گم ٿيڻ جو. هر نئون واقعو پراڻن زخمن کي وري تازو ڪري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن هڪ ٻار به محفوظ نه هجي ته پوءِ ڪنهن به حڪومت جو وجود بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو. امن صرف ڏوهن جي گهٽ انگ جو نالو ناهي، پر ان اعتماد جو نالو آهي، جنهن تحت والدين پنهنجن ٻارن کي بنا خوف جي اسڪول، راند جي ميدان يا بازار موڪلي سگهن.
ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو حڪومت لاءِ هڪ امتحان آهي. جيڪڏهن حڪمران اڄ به ان کي نظرانداز ڪندا رهيا ته اهو پيغام ويندو ته سنڌ ۾ معصوم ٻارن جي زندگين کان وڌيڪ اهم سياسي مصلحتون آهن. اها سوچ انتهائي خطرناڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور تي احتجاج ڪندڙ خاندانن سان ڳالهيون ڪري، اعليٰ عدالتي يا پارلياماني سطح تي آزاد جاچ ڪميشن قائم ڪري، ٻارن جي اغوا ۽ ممڪن اسمگلنگ جي نيٽ ورڪن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ جديد جاچ ادارن کي متحرڪ ڪري، بين الصوبائي ۽ وفاقي ادارن سان گڏيل آپريشن ترتيب ڏئي، ۽ هر ڪيس بابت باقاعده عوام کي اڳڀرائي کان آگاهه ڪري.
هي ڌرڻو صرف 16 ٻارن جي بازيابيءَ جي تحريڪ نه رهيو آهي، پر اهو سنڌ جي ضمير جي جاڳرتا جو استعارو بڻجي ويو آهي. هتي ويٺل مائرون ڪنهن حڪومت کي ڪيرائڻ نه ٿيون چاهين؛ هو رڳو پنهنجا ٻار واپس گهرن ٿيون. سندن اکين ۾ سياست نه، پر اميد، درد ۽ انتظار آهي. ٻٻرلوءِ جو هي ڌرڻو به هاڻي هڪ علامت بڻجي چڪو آهي؛ اهڙي علامت، جيڪا سنڌ کان پڇي رهي آهي ته ڇا هن ڌرتيءَ تي معصوم ٻارن جي زندگيءَ جي ڪا قيمت آهي يا نه؟ ڇا مائرن جا ڳوڙها به سياسي ترجيحن جي ميز تي پنهنجو وزن وڃائي ويٺا آهن؟ سنڌ حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته ان جي خاموشي ڪنهن مسئلي جو حل ناهي. جيڪڏهن ٻارن جي اغوا ۽ ممڪن اسمگلنگ بابت اٿندڙ سوالن جا جواب اڄ نه ڏنا ويا ته سڀاڻي اهي سوال وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪندا. حڪومت جي ذميواري آهي ته هوءَ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي، هر اغوا ٿيل ٻار جي بازيابيءَ کي رياستي ترجيح بڻائي ۽ جيڪڏهن واقعي ڪنهن منظم گروهه يا نيٽ ورڪ جا ثبوت موجود آهن ته ان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. ٻيو سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت مائرن جو سڏ به نه ٻڌنديون ۽ ڇا حڪومت تيستائين ان ڌرڻي جو نوٽيس نه وٺندي جيستائين اهي ڌرڻو ڏيندڙ صبر جو پيمانو ختم ڪري روايتي طور ٻٻرلوءِ جي شاهراهه کي بلاڪ نه ڪندا، قانون هٿ ۾ نه کڻندا ڇا پرامن احتجاج جو حڪومت نوٽيس نه وٺندي؟