ايران معاهدي تحت سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو هو، ڪمري مان نڪتا ته جهاز تي حملو ٿيو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبناءِ هرمز واپاري جهازن جي اچ وڃ لاءِ کليل آهي.

آمريڪي ٽي وي چينل اين بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته اسان رات ايران تي بمباري ڪئي، اهي انتهائي خطرناڪ ذهنيت وارا ماڻهو آهن.

هن چيو ته انهن ڪالهه هڪ معاهدي تي اتفاق ڪيو، جيڪو اسان لاءِ تمام سٺو معاهدو هو. ان تحت ايران پنهنجو سڄو جوهري پروگرام ختم ڪرڻ تي راضي ٿيو، پر معاهدي کانپوءِ هو ڪمري مان ٻاهر نڪتا ۽ هڪ ڪلاڪ اندر ئي هڪ جهاز تي ڊرون حملو ڪري ڇڏيو.

ٽرمپ پنهنجي ويجهي ساٿي ۽ ريپبلڪن سينيٽر لنزي گراهم جي وفات بابت چيو ته هن جي وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هو رڳو ٿڪيل لڳي رهيو هو، باقي ٺيڪ هو. سندس خيال ۾ گراهم جو موت اوچتي ٿيو آهي ۽ شايد دنيا ڇڏڻ جو اهو ڪو گهڻو خراب طريقو نه هو.

You might also like