ٻٻرلوءِ ڌرڻو: ٻارن جي اغوائن ۾ ملوث ڳجها هٿ هاڻي وائکا ٿيڻ گهرجن؛غلام حسين لغاري

سنڌ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن پريا ڪماري اجالا پروين سولنگي ۽ ٻين جي اغوا وارن واقعن خلاف ٻٻرلوءِ ڌرڻي سنڌ حڪومت کي ننڊ مان نيٺ جاڳائي ڇڏيو آهي جنهن جو پهريون نتيجو اهو نڪتو جو جنهن آءِ جي پوليس سنڌ هفتو اڳ اهو بيان ڏئي متاثر والدين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو هو ته پريا جو معاملو پراڻو ٿي چڪو آهي ان کي ٻيهر ورجائڻ سان متاثر والدين جي ڏکن ۾ اضافو ڪرڻ برابر آهي ۽ اهڙي بيان ۽ ٻٻر لوء ڌرڻي بعد ساڳي آءِ جي سنڌ پوليس جي آءِ ٽي جوڙي ان مسئلي جي مختلف رخن کان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔ڌرڻي جو ٻيو نتيجو اهو نڪتو آهي جپ هڪ مغوي ٻار آزاد ٿي  ڌرڻي واري ڪئمپ تي پهتو۔

هن ڌرڻي جي اڳواڻي سنڌ جي مرحوم سماجي اڳواڻ پروفيسر خان محمد پنهور جي نياڻي سهڻي پارس ڪري رهي آهي جيڪا پاڻ به سماجي اڳواڻ صحافي ليکڪه ۽ اينڪرپرسن آهي۔بهرحال جي آءِ ٽي جا نتيجا ڪهڙا ٿا نڪرن پريا ۽ اجالا سميت اغوا ٿيل سمورا ٻار والدين جي جهولين تائين پهچن ٿا ۽ اغواڪار قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن ٿا يا اهي به ماضي جو خاموش حصو بڻجي وڃن ٿا۔موجوده ڌرڻو اڃا ته سياست کان پري آهي جيڪڏهن هن ڌرڻي سياسي رخ ورتو ته احتجاج ڪندڙن کي سنڀالڻ پوءِ شايد ڏکيو ٿئي۔

اڄڪلهه اهي افواهه به سرگرم آهن ته جڏهن کان افغان ڀڳوڙا ۽ مهاجر سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن تڏهن کان سنڌ ۾ نه صرف ڏوهن قتل و غارت  ۾ واڌارو آيو پر سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علا قن مان معصوم ٻار به اغوا ٿي رهيا آهن جنهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي۔ڪجهه سالن ۾ پريا ڪماري ۽ اجالا سولنگي سميت وڏي انگ ۾ معصوم ٻار اغوا ٿيا آهن۔ ايتري قدر جو معصوم نياڻين ۽ ڇوڪرن تي تشدد لڄالٽ بعد ۾ کين قتل ڪري مائرن جون جهوليون خالي ڪيون ويون آهن۔هنن واقعن ۾ افغاني مهاجرن سان گڏ پنهنجا سنڌي نوجوان به ملوث رهيا آهن جن جو رڪارڊ پوليس ٿاڻن تي موجود هوندو جنهن تي به هڪ نظر وجهڻ گهرجي۔  هونئن به جيئن ملڪ ۾ ترقياتي سرگرميون تيزي سان شروع ٿيون آهن ۽ انهن جا ٺيڪا خاص ڪري افغان ٺيڪيدارن کي مليا آهن تڏهن کان اتي اغوا ٿيل لاوارث مزدورن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن  لاءِ ٻارڙن کي اغوا ڪري ڪئمپن ۾ رکي سخت پورهيو ڪرايو وڃي ٿو  يا وري مخصوص ڏوهاري معصوم نياڻين کي اغوا ڪري پالي وڏو ڪري انهن کي عياش ماڻهن وٽ وڪرو ڪن ٿا۔

ان ڏس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور لڳ پنجاب جون ڇوڪريون ڪچي واري علائقي مان هٿ آيون جن اتان جي هڪ صحافي سلطان رند آڏو اهو انڪشاف ڪيو هو ته پنجاب جون ڇوڪريون سنڌ ۾ ۽ سنڌ جون ڇوڪريون شادي جي آڙ ۾ پنجاب جسماني استعمال  لاءِ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون۔هنن ڇوڪرين رڙيون ۽ دانهون ڪري پنهنجو داستان ٻڌائينديون رهيون ۽ ٻڌايو ته کين وحشي ڌاڙيلن وٽ شادي بهاني وڪرو ڪيو ويو جتان اهي تشدد بعد ڀڄي نڪتيون آهن۔ اهي به اطلاع آهن ته سنڌ ۾ افغاني پٺاڻن ٻيهر پنهنجيون خرڪاري سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آهن جنهن ۾ کين مقامي لالچي ماڻهن جي سهولتڪاري حاصل آهي خرڪار معصوم ٻار اغوا ڪري انهن کان سخت پورهئي جو ڪم ڪار ڪرايو وڃي يا وري کين پينو فقيرن جي اڏن تي وڪرو ڪري سندن جا هڏ گڏ ڀڃي معذور ڪري وڏن شهرن جي چونڪن يا عام شهرائن تي پنرايو وڃي ٿو۔ هن قسم جا واقعا اڳ ۾ به رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ مغوين جا والدين سڄي عمر رڙندا رهن ٿا پر خبر ناهي ته خرڪار ۽ اغواڪار ڪهڙي سبب قانون ۽ سزائن کان ڏاڍا آهن۔تازو سڪرنڊ مان به هڪ تازي خبر آهي ته   ڳوٺ قلعي بخش رند مان هڪ افغاني کي ٻار اغوا ڪندي پڪڙيو ويو  جنهن کي ڳوٺ جي نوجوانن پڪڙي کڏھر پوليس حوالي ڪيو  هو۔پڪڙيل افغاني بابت وڌيڪ ڪي به تفصيل سامهون ناهن آيا ته هو ڪٿان جو هو سڪرنڊ ڪيئن پهتو ۽ سندس سهولتڪاري ڪنهن پئي ڪئي۔

سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙين مان معصوم ٻارن جي گم يا اغوا ٿيڻ جو اهو ڪو پهريون واقعو ناهي هن کان اڳ به وڏي انگ ۾ ٻارن جي اغوا ۽ کڄڻ وارا واقعا رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ پريا ڪماري فضيلا سرڪي ۽ تازو ميهڙ مان گم ٿيل نينگري اجالا سولنگي به شامل آهي جنهن جو ڪو به پتو پئجي ناهي سگهيو سندن مائرون روئينديون ٿيون وتن ۽ ٻٻرلوءِ تي ڌرڻي ۾ ويٺل آهن۔پريا ۽ فضيلا سرڪي کي ته سالن جا سال ٿي ويا آهن هن وقت اهي جوان به ٿي چڪيون هونديون جن  لاءِ چيو وڃي تو اهي سنڌ جي سگهارين ڌرين وٽ آهن جن جي بازيابي  لاءِ ڌرڻا لڳا ۽ احتجاج به ٿيا آهن ۽ هن وقت به ٻٻرلوءِ تي هفتي ٻن کان احتجاج ۽ ڌرڻو جاري آهي۔هنن جي نه ملڻ پتو نه پوڻ پوليس ۽ سنڌ حڪومت مٿان ڪارنهن جو داغ چئجي۔

ڪراچي سميت سنڌ اندر جتي جتي افغانستاني پٺاڻ رهن ٿا اتي ٻارڙن جي قتل ۽ اغوا جا واقعا وڌيڪ رپورٽ ٿيا آهن جن تي نه صرف ماڻهن ۾ ڳڻتي پر خوف و حراس به ڇانيل آهي۔چيو وڃي ٿو اغواڪار انسانن کي اغوا ڪري سندن گڙدا ڪڍي کپائين ٿا جنهن تي به نظر رکڻ جي ضرورت آهي خاص ڪري افغان مهاجرن تي ڪڙي نظر رکڻ کين واپس ڪئمپن ۾ آڻي اتان واپس پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي جنهن  لاءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو به موجود آهي ۽ خود پنهنجن ادارن پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارواين ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح افغانستان ڏانهن اشارو ڪيو آهي۔

انساني اسمگلنگ به رپورٽ ٿي رهي آهي جنهن ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري عرب ۽ نار وارن ملڪن ۾ عربن وٽ وڪرو ڪيا وڃن ٿا جن کي اٺن جي ريسن ۾ يا وري عياشي  لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو تنهنڪري هن ڳالهه جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغان شهرين جي ڪاروبار ۽ مارڪيٽن کي بند ڪيو وڃي جتي باڙا مارڪيٽون آهن ماڻهو ۽ فئمليون اوڏانهن جو رخ رکن ٿيون۔  خرڪارن کي معمولي نه سمجهڻ گهرجي انهن کي سهولتڪارن سميت پڪڙ ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي۔

بهرحال آءِ جي پوليس سنڌ کي گذارش آهي سنڌ ۾ معصوم هجي يا وڏو انهن جي اغوائن کي روڪڻ  لاءِ ناڪابندي وڌائي وڃي ۽ شڪي ماڻهن جون لسٽون تيار ڪيون وڃن۔ ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي تي ويٺل مائرن پيئرن کي آٿت ڏني وڃي جنهن به ڌر يا ڌرين ڪڌا ڪم ڪيا آهن تن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي مغوي نياڻيون آزاد ڪرائي مائرن جون جهوليون ڀريون وڃن۔وفاقي حڪومت به ان ڏس ۾ بين الصوبائي ڪميشن جوڙي جيڪا انساني اسمگلنگ جو خاتمو آڻڻ  لاءِ ڪم ڪري۔

 

You might also like