هر سال 11 جولاءِ تي عالمي آباديءَ جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا کي تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ جي معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي اثرن کان آگاهه ڪرڻ آهي. 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري موجب پاڪستان جي ڪل آبادي 24 ڪروڙ 12 لک آهي، جڏهن ته سنڌ جي سرڪاري آبادي 5 ڪروڙ 58 لک 86 هزار 051 آهي، جيڪا پاڪستان جي ڪل آباديءَ جو 23.1 سيڪڙو بڻجي ٿي. پر جيڪڏهن ڪراچيءَ جي غير سرڪاري آباديءَ کي نظر ۾ رکيو وڃي ته سنڌ تي وسيلن جو بار ان کان به وڌيڪ آهي. 2023ع جي آدمشماريءَ موجب ڪراچيءَ جي آبادي 2 ڪروڙ 7 لک 68 هزار 209 ڄاڻائي وئي، پر ماهرن، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي انگن اکرن، گڏيل قومن ۽ ورلڊ بئنڪ جي اندازن موجب 2026ع ۾ ڪراچيءَ جي حقيقي آبادي 2 ڪروڙ 80 لک کان 3 ڪروڙ جي وچ ۾ آهي. جيڪڏهن انهن ڪميُوٽرن (Commuters) اهي ماڻهو جيڪي روزانو خيبرپختونخواه، بلوچستان، اندرونِ سنڌ ۽ ٻين علائقن مان روزگار، تعليم يا ڪاروبار لاءِ اچن وڃن ٿا) کي به شامل ڪيو وڃي، جن جو انگ روزانو لڳ ڀڳ 15 لک آهي، ته سنڌ جي موجوده آبادي 6 ڪروڙ 30 لک کان 6 ڪروڙ 50 لک تائين پهچي ٿي. ايراضيءَ جي لحاظ کان سنڌ ننڍو صوبو آهي، پر وڌندڙ آباديءَ سبب هتي وسيلن تي دٻاءُ سڀ کان وڌيڪ محسوس ڪيو پيو وڃي.
سنڌ جي آباديءَ ۾ شهري ۽ ٻهراڙيءَ جو فرق تمام نمايان آهي. 2023ع جي آدمشماري موجب سنڌ جي 52.3 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهي ٿي، جڏهن ته 47.7 سيڪڙو ٻهراڙين ۾ آباد آهي، ۽ اهو تناسب پاڪستان جي ڪنهن به ٻئي صوبي کان وڌيڪ آهي. شهري آباديءَ جو وڏو حصو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، جيڪو روزانو لڳ ڀڳ 15 لک ڪميُوٽرن جو اضافي بار برداشت ڪري ٿو. ڪراچيءَ کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي روزاني ضرورت 1200 ملين گيلن آهي، پر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن رڳو 550 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪري سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ جي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو آبادي ڪچين آبادين ۾ رهڻ تي مجبور آهي، جتي هڪ ڪمري ۾ سراسري طور 6 کان 8 ماڻهو رهن ٿا ۽ بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري آباديءَ جي انگن اکرن ۾ فرق سبب پاڻيءَ جي کوٽ، ٽرئفڪ جي رش، اسپتالن ۽ اسڪولن تي بار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.
ٻهراڙيءَ واري سنڌ جي صورتحال اڃا به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ ۾ مجموعي خواندگيءَ جي شرح 57.5 سيڪڙو آهي، جيڪا پنجاب جي 66.3 سيڪڙو شرح کان ڪافي گهٽ آهي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ واري سنڌ ۾ اها شرح رڳو 46 سيڪڙو رهجي وڃي ٿي. سنڌ ۾ مائرن جي وفات جي شرح (يعني حمل يا ويم دوران فوت ٿيندڙ مائرن جو انگ) هر هڪ لک ڄمندڙ ٻارن تي 314 آهي، جيڪا قومي اوسط 186 کان گهڻي وڌيڪ آهي ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ هڪ عورت جا سراسري طور 3.8 ٻار آهن، جڏهن ته شهرن ۾ اهو انگ 2.9 آهي. سنڌ ۾ 42 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، ۽ زراعت تي دارومدار هئڻ سبب ٻهراڙيءَ ۾ غربت جي شرح 43 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏن دوران سنڌ جا 23 ضلعا سخت متاثر ٿيا، 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ صوبي جي ٻهراڙيءَ واري معيشت کي لڳ ڀڳ 3.5 ارب آمريڪي ڊالر جو نقصان پهتو.
1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ هميشه ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان ان کي پنهنجي حصي مطابق وسيلا ۽ حق نه مليا آهن. سنڌ پاڪستان جي 70 سيڪڙو قدرتي گيس ۽ 30 سيڪڙو تيل پيدا ڪري ٿو، تنهن هوندي به گيس جي لوڊشيڊنگ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ ٿئي ٿي. نيٽ هائيڊل پرافٽ (Net Hydel Profit ) پن بجليءَ مان حاصل ٿيندڙ منافعي جي مد ۾ وفاق طرفان صوبن کي ڏنل واجبات) جي مد ۾ وفاق تي سنڌ جا 300 ارب رپين کان وڌيڪ رهتون آهن، جيڪي اڃا تائين ادا نه ڪيا ويا آهن. 1991ع جي واٽر اڪارڊ (Water Accord 1991 , سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي صوبن وچ ۾ ورڇ وارو معاهدو) موجب سنڌ جو حصو 48.76 ملين ايڪڙ فٽ مقرر ڪيو ويو هو، پر هر سال ٻين صوبن طرفان پاڻيءَ جي غير قانوني استعمال ۽ واهن سبب سنڌ کي پنهنجي حصي کان 30 کان 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ 2.3 ملين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿي چڪي آهي. گذريل ڏهن سالن دوران وفاقي ترقياتي بجيٽ مان سنڌ کي رڳو 12 کان 15 سيڪڙو حصو مليو، جڏهن ته آباديءَ جي لحاظ کان سنڌ جو جائز حصو 23 سيڪڙو آهي. ڪراچي اڪيلو پاڪستان جي GDP (Gross Domestic Product ــ مجموعي قومي پيداوار) ۾ لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو، پر ان کي سالياني ترقياتي فنڊن ۾ 50 ارب رپين کان به گهٽ رقم ملي ٿي.
انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ فوري ۽ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻ ضروري آهن. سڀ کان پهرين 18هين آئيني ترميم تحت صوبن کي مليل اختيارن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ نيٽ هائيڊل پرافٽ ۽ گيس رائلٽي جون رهتون جلد ادا ڪيون وڃن. شهري علائقن لاءِ ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۽ گرين لائين بس جهڙن منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، ڪچين آبادين کي قانوني حيثيت ڏئي اتي صاف پاڻي، اسڪولن ۽ اسپتالن جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ۽ صنعتن کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪري روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا وڃن. ٻهراڙيءَ واري سنڌ لاءِ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ هارين کي ڊرپ ايريگيشن پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي ذريعي جديد آبپاشي جو طريقو ۽ سولر ٽيوب ويلن تي 80 سيڪڙو سبسڊي ڏني وڃي ته جيئن پاڻيءَ جي بچت ممڪن بڻجي. سنڌ ۾ فيملي پلاننگ (خاندان جي بهتر منصوبابندي) جي شرح رڳو 30 سيڪڙو آهي، جنهن کي وڌائي 50 سيڪڙو تائين آڻڻ لاءِ مذهبي اڳواڻن، استادن، صحت جي ڪارڪنن ۽ مقامي نمائندن جي سهڪار سان اثرائتي آگاهي مهم هلائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
اسان کي اها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته سنڌ جي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ موجوده آبادي هن صوبي جو سڀ کان وڏو اثاثو آهي. پر جيستائين منصوبابندي سرڪاري 5 ڪروڙ 58 لک بدران حقيقي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ آباديءَ کي بنياد بڻائي نه ڪئي ويندي، ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ يقيني نه بڻائي ويندي، تيستائين سنڌ پنهنجي حقيقي صلاحيتن موجب ترقي نٿي ڪري سگهي. عالمي آباديءَ جو ڏينهن اسان کي اهو ئي سبق ڏئي ٿو ته انساني سرمايي ۾ سيڙپڪاري ئي اصل ترقي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي هر شهري کي معياري تعليم، بهتر صحت ۽ باعزت روزگار جون برابر سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته هي صوبو نه رڳو پنهنجو مستقبل روشن بڻائيندو، پر سڄي پاڪستان کي به پائيدار ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو.