واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران خلاف ڌمڪي ڀريو ۽ سخت لهجو اختيار ڪيو آهي.
هن پنهنجي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ايران ڏانهن هڪ هزار ميزائل نشانو بڻائي تيار رکيا ويا آهن.
آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته آمريڪي فوج کي ايران جي سمورن علائقن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جا حڪم اڳ ئي ڏنا ويا آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران مون کي قتل ڪرڻ يا قتل جي ڪوشش واري ڌمڪي تي عمل ڪيو ته ان جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران اهڙي ڌمڪي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ وڌيڪ هزارين ميزائل به فائر ڪيا ويندا.
واضح رهي ته تازو آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اسرائيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آگاهه ڪيو هو ته وٽن اهڙي ڳجهي ڄاڻ موجود آهي، جنهن موجب ايران مبينا طور تي ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو.
ٻئي پاسي ايران چيو آهي ته هن آمريڪا سان ڳالهين جي نئين مرحلي لاءِ ڪا به درخواست نه ڪئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اسان ٽياڪڙن جي ايران جي دوري کي قبول ڪيو آهي.