ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس تحت روڊ حادثن جي متاثرن لاءِ معاوضي جي رقم 20 هزار رپين مان وڌائي 7 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، ايس اي سي پي موجب نئين نظام تحت حادثي جي متاثرن کي عدالت ۾ وڃڻ کان سواءِ خودڪار طريقي سان جلد معاوضو ادا ڪيو ويندو، ايس اي سي پي موجب ڪمرشل گاڏين جي انشورنس پاليسين ۾ رڪارڊ 1300 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ انشورنس پاليسين جو انگ 11 هزار مان وڌي هڪ لک 65 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو، اداري جو چوڻ آهي ته موٽر انشورنس جي دائري کي پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان تائين وڌائڻ لاءِ به تياريون جاري آهن، رٽائرڊ ماڻهن لاءِ لائف انشورنس اينيوٽي پراڊڪٽس پڻ متعارف ڪرايون پيون وڃن.