جسقم(شهيد بشيرخان قريشي) پاران پاڻي تي ڌاڙي خلاف سجاول ۾ ريلي

سجاول (رپورٽ : منظور احمد ميمڻ)جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان قريشي) پاران سنڌو درياهه جي پاڻي تي مبينا ڌاڙي ۽ سنڌ جي پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ سجاول ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.  ريلي ۾ جسقم (شهيد بشير خان قريشي) جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جنرل سيڪريٽري پنهل ساريو، جميل ڌونڪائي، آصف بالادي ، جميل ڌونڪائي ، اڪبر مري، باغي ڌونڪائي ، ضلعي صدر محمد خان پٺاڻ ، نظير لغاري ، شاھجان لغاري ، منظور ميمڻ ، ايوب کوسو ، نجيب الله ميمڻ ، ممتاز ساند ، اياز لغاري، روپلو حيدر ، آفتاب چانڊيو ، عظيم سنڌي ، ميرميمڻ ، ديدار کوسو سميت ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي شهر جي مختلف رستن تان گذري، جتي شرڪت ڪندڙن سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ پاڻي جي ورڇ بابت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي الزام هنيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، جنهن سبب هيٺاهين وارن علائقن، خاص طور ساحلي پٽي جي آبادگارن کي شديد پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جسقم (شهيد بشير خان قريشي) جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جا آبادگار پنهنجي زرعي ضرورتن لاءِ پاڻي کان محروم آهن. هن چيو ته چشما ۽ تونسا ڪئنالن ذريعي سنڌو درياهه جو پاڻي منتقل ڪرڻ سنڌ جي پاڻي جي حقن تي ڌاڙو آهي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته جولاءِ جو مهينو شروع ٿي چڪو آهي، پر ساحلي پٽي جي ضلعن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب اڃا تائين آبادگار سارين جو ٻيجارو به پوکي نه سگهيا آهن، ھن چيو ته مٺو پاڻي درياءَ ۾ نه اچڻ ڪري ساحلي پٽي جون ھزارين ايڪڙ زمين سمنڊ کائي رھيو آهي سموري ساحلي پٽي بنجر بڻجي چڪي آهي رھواسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن ساحلي پٽي جا رھواسي فقط پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاء 30 کان 40 ڪلوميٽر تائين وڃن ٿا جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي هنن وڌيڪ  چيو ته سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ سنڌ جي پاڻي جي حقن لاءِ احتجاجي تحريڪ سجاول کان شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا مرحليوار پوري سنڌ ۾ جاري رکي ويندي. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ بابت موجود خدشن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي ـ

 

You might also like