ڪراچي ۾ پاڙيسري هٿان ٻار مبينا زيادتي بعد قتل، جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نيپيئر واري علائقي ۾ 6 ورهين جي ٻار جي تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۾ پوليس پاڙيسري کي گرفتار ڪري ورتو جنهن تي ٻار سان مبينا زيادتي ڪرڻ کان پوءِ قتل ڪرڻ جو الزام آهي، پوليس موجب معصوم ولي کي سومر جي شام گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو، جاچ دوران ٻار جو ٻوري ۾ بند تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، جنهن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو  چوڻ آهي ته موت جو حتمي سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو، ٻار جي ماءُ جو چوڻ آهي ته پٽ جي سڃاڻپ کان ٻاهر ٿيل لاش کي ٻوري ۾ بند ڪري ٽن ماڙ عمارت تان هيٺ اڇلايو ويو، معصوم ٻار جي ڀيڻ  روئيندي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان ولي جي ڳولا ڪري رهيا هئاسين، مون کي جوابدار ڏنو وڃي ته مان پاڻ هُن کي گولي هڻنديس، پوليس ذريعن موجب واردات پاڙيسري جي گهر ۾ ٿي، جوابدار کين پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ ساڳئي وقت ٻار کي ڳولڻ جو ڊرامو به ڪندو رهيو، ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like