اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر سينيٽر ايمل ولي خان وفد سميت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سان گڏ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا.ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي موجوده حالتن بابت اِن ڪئميرا بريفنگ جي اهميت ۽ ضرورت تي اتفاق ڪيو.ملاقات ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ علائقي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ سنجيده ۽ اثرائتا قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن.