ملتان(ع آنيوز) پنجاب جي مختلف شهرن خاص طور سرائيڪي وسيب ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، درياءَ ۽ نالن ۾ پاڻي ڀرجي ويو. سليمان جبل کان ايندڙ برساتي وهڪرن ڊيرا غازي خان ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ، لياقت پور ۾ سنڌو ۽ چناب دريائن جي ڪٽائي سبب آباديون، گهر ۽ فصل متاثر ٿيا، مينهن ۽ تيز هوائن سبب لاهور ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. ڪالهه ڊيرا غازي خان ۾ تيز برسات کان پوءِ سليمان جبل جي قبائلي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. جبلن وارن علائقن مان ايندڙ تيز برساتي وهڪرن جي ڪري، ننڍا ۽ وڏا واهه، ڍنڍون ڍورا ڀرجي ويا، مينهن ۽ طوفاني برساتن جي ڪري، مختلف علائقن ۾ حفاظتي بند به ٽٽي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي آبادين ۽ زمينن تائين پهچي ويو ۽ مقامي ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.قبائلي علائقن ۾ ڪيترائي زميني رابطا رستا ڪٽيا ويا، جنهن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو ٻين علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو. رحيم يار خان جي ٻهراڙي ۾ سنڌو ۽ چناب دريائن جي کاڌ تباهي مچائي ڇڏي آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ تيز لهرن سبب درجنين آباديون متاثر ٿيون آهن، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند، مڱ، تر ۽ چاري جا فصل لڙهي ويا. خيبرپختونخواهه جي هري پور ضلعي ۾، تازي مون سون جي برساتن ۽ مٿين ضلعن مان ايندڙ ٻوڏ جي لهرن جي ڪري تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڊيم انتظاميا موجب، ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1,484.20 فوٽ تائين پهچي وئي آهي، جيڪا 1,402 فوٽ جي ڊيڊ ليول کان 82 فوٽ وڌيڪ آهي، جڏهن ته ڊيم جي مڪمل سطح 1,550 فوٽ مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيم انتظاميا موجب، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 236,800 ڪيوسڪ هئي، جڏهن ته نيڪال 157,700 ڪيوسڪ هو.