سنڌ سرڪار اٽي جا اگهه وڌڻ جو نوٽيس ورتو، ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت پوري صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ پوليس سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي پڻ مدد حاصل ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزيرن مخدوم محبوب الزمان، محمد علي ملڪاڻي ۽ محمد بخش خان مهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي ڊگهي اجلاس ۾ اٽي جي اگهن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ ذخيره اندوزن خلاف بنا فرق ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ هن سال ڪڻڪ ﺟﻮ بمپر فصل ٿيو، پر ذخيره اندوزن هارين کان وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب ڪابينا ذخيره اندوزن جا گودام سيل ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ڪابينا خوراڪ کاتي ۾ انٽيگريٽيڊ ويٽ مينيجمينٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ، سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني کي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ايس آءِ ٽي سي کي منصوبي جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي  هن وڌيڪ چيو ته قومي ڪڻڪ پاليسي 2026–2030 جي جائزي لاءِ خوراڪ، زراعت ۽ قانون کاتن جي سيڪريٽرين تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي مقرر مدي اندر پنهنجون سفارشون سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جامع تعليم جي فروغ لاءِ ڊي اي پي ڊي ۽ آغا خان يونيورسٽي وچ ۾ معاهدي جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته آغا خان يونيورسٽي ۾ اسپيشل ايجوڪيشن يونٽ قائم ڪرڻ، استادن جي خصوصي تربيت، تحقيق، پاليسي سازي، ماڊل اسڪولن ۽ جديد تعليمي وسيلن جي تياري لاءِ قدمن ۽ منصوبي لاءِ سرڪاري مالي سهڪار جي به منظوري ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا شهيد محترمه بينظير ڀٽو فلاءِ اوور، حيدرآباد جي باقي رهيل تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ۽ منصوبي جي تڪميل جي ذميواري ورڪس اينڊ سروسز کاتي حوالي ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا سامونڊي پٽي تي نگراني ۽ قانون جي مؤثر عملداري لاءِ فشريز نظام کي مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. "ميرين ڪنزرويشن پوليس” جو نالو تبديل ڪري "سنڌ فشريز سروس” رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سامونڊي نگراني لاءِ ٽي جديد اسپيڊ بوٽ خريد ڪرڻ جي به منظوري طلب ڪئي وئي آهي. خوراڪ واري صوبائي وزير  مخدوم محبوب الزمان چيو ته ڪڻڪ جي خريداري مڪمل طور شفاف ۽ منصفاڻي نموني ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ ۾ هن سال ڪڻڪ جي رڪارڊ فصل حاصل ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت اٽي جي اگهن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته هڪ منظم نيٽ ورڪ ڪڻڪ ۽ اٽي جو مصنوعي بحران پيدا ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوششن ۾ مصروف آهي، جنهن خلاف ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري تي بنا امتياز سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته پاڻي جي کوٽ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي ۽ مستقبل ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ جو به خدشو موجود آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاڻي جي بهتر استعمال ۽ مؤثر بچاءَ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هن اهم مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي.صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي پٽي تي نگراني ۽ قانون جي مؤثر عملداري لاءِ فشريز نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته بغير لائسنس جي شڪار ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي جي اڪثريتي آبادي جو روزگار زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته سنڌ کي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اسان جو مطالبو آهي ته 1991ع واري آبي معاهدي تي ان جي اصل روح مطابق مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ مان ڪڻڪ غائب ٿيڻ بابت ڪا به شڪايت ناهي ملي. ايم ڪيو ايم بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم واقعي سنجيده آهي ته وفاقي وزارتن کان الڳ ٿئي ۽ سنڌ ۾ پاڻي، گئس ۽ بجلي جي مسئلن تي عملي احتجاج ڪري. هن چيو ته وفاقي ڪابينا کان ڌار ٿيڻ وارو بيان صرف بيان نه هئڻ گهرجي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير وڌيڪ چيو ته صوبائي وزير محنت پنهنجي کاتي ۾ ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي، جنهن کانپوءِ فوري ڪارروائي ڪئي وئي. هن چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي ۾ ضابطن جي ابتڙ اڳواٽ ادائيگي ڪئي وئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ بهترين ۽ مؤثر سماجي تحفظ جو منصوبو آهي، جڏهن ته ان کي وڌيڪ مؤثر، جامع ۽ بهتر بڻائڻ جي اڃا به گنجائش موجود آهي.

 

You might also like