گئس ٽيرف ۾ گهٽتائي باوجود گئس جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت گئس ٽيرف ۾ گهٽتائي باوجود عوام لاءِ گئس جون قيمتون گهٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، پيٽروليم ڊويزن جي هڪ سينيئر آفيسر موجب اوگرا سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن لاءِ سراسري مقرر ڪيل  ٽيرف 1،793 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مان گهٽائي 1،705 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪيو آهي، رپورٽ موجب گئس ڪمپنين  جي ٽيرف ۾ گهٽتائي باوجود حڪومت مالي سال 27-2026 دوران عوام لاءِ گئس جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تنهن ڪري گئس جي قيمتن ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي ويندي.

 

You might also like